مشرف تي تنقيد ڪندڙ 2007ع ۾ اپوزيشن جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو : چوڌري نثار

اسلام آباد  (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته گذريل حڪومت بينظير ڀٽو جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ پرويز مشرف جو نالو شامل هجڻ جي باوجود ان جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، اسان پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تحت ڪڍيو آهي، جيڪڏهن انهن کي اعتراض آهي ته هي ڌر ڇو نه بڻيا. سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران خورشيد شاهه جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ٻي طرف کان تقرير ڪرڻ کان پهرين مشورو ڪرڻ گهرجي ها ته بهتر هجي ها، هن چيو ته مون کان پهرين جيڪا تقرير ڪئي وئي ان جي لفاظي کان ايوان جو تقدس مجروح ٿيندو، اسان سڀني کي ايوان ۾ سچ جو احترام ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور چئي پنهنجو پاڻ کي صاف طور تي الزام کان آجو قرار ڏي ته ڇا ڪجي، مون بطور مخالف ڌر اڳواڻ جنرل پرويز مشرف جي قانون ٽوڙڻ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه چيو هو اهو به ايوان ۾ پيش ڪندس. اسان پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ڪڍيو آهي، جيڪڏهن انهن کي اعتراض آهي ته هي ڌر ڇو نه بڻيا، هن چيو ته 2007ع ۾ جڏهن هي زخم تازو هو ان وقت جي اپوزيشن فيصلو ڪيو ته اسان کي اسيمبلي واپس ناهي وڃڻو. هي فيصلو ٿي ويو هو، هي جمهوريت جا چيمپئن آهن. هنن ٻه ٽي مهينا به قربان ڪرڻ گوارا نه ڪيو، هي تماشائي بڻجي ڪناري تي بيهي تاڙيون وڄائيندا رهيا. هن چيو ته جڏهن پرويز مشرف جو نالو بي نظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اچي ويو هو ته هن مجرماڻي خاموشي ڇو اختيار ڪئي، جيڪڏهن پرويز مشرف آئين ٽوڙيندڙ هو ته دبئي ۾ ان سان ڳالهيون ڪري محفوظ رستو ڳوليندا رهيا، گهرو وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪا اپيل آئي ان ۾ پي ٽي آءِ جي حامد خان به ڌر طور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف پٽيشن داخل ڪئي پر هو هڪ ڀيرو به پيش ناهي ٿيو، هن چيو ته مشرف تي تنقيد ڪندڙ 2007ع ۾ اپوزيشن ۾ پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو، جيڪڏهن سندن ضمير جي آواز آهي ته هي ان ڪيس ۾ ڌر ڇو نه بڻيا، اسان هي ڪيس وڙهيو آهي، اسان کي ان ڳالهه تي فخر ۽ خوشي آهي ته هن حڪومت هڪ جمهوري آئيني ۽ قانوني قدم کنيو آهي، انهن کي ته بينظير ڀٽو ڪيس ۾ اڳڀرائي جي به جرئت نه ٿي، اسان خصوصي عدالت ۾ ڪيس وڙهيو. پرويز مشرف سوا ٻه سال پهرين کان اي سي ايل تي رهيو. 31 مارچ 2014ع جي خصوصي عدالت جي فيصلي جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته جنرل مشرف آزاد شهري آهي جتي مرضي آهي رهي ۽ جتان کان مرضي آهي علاج ڪرائي، هن چيو ته اسان ايف آءِ اي سان رجوع ڪيو ۽ ايف آءِ اي جي سفارش تي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۾ ڪنهن دير جو ڪو به جواز ناهي بڻجندو، اٽارني جنرل پنهنجي بيان ۾ حسين حقاني جو به حوالو ڏنو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ کانپوءِ هو به وطن واپس نه آيو. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جڏهن هي فيصلو ڪيو ته ان کي پاڻ مرادو عملدرآمد جو پابند ڪيو ويو جيڪڏهن 15 ڏينهن تائين اپيل نه ٿي ته ڪيس ختم ٿي ويندو، اسان سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو، جيڪڏهن کين جمهوريت سان ايتري محبت هئي ته کين ڌر بڻجڻ گهربو هو يا پوءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ڳالهه ڪرڻ جي جرئت هجڻ گهربي هئي. هن چيو ته هو پنهنجي صحت جو بهانو بڻائي ويو، ان جي ذميداري عدالت تي لاڳو ٿئي ٿي. جيڪڏهن هن وري راهه فرار اختيار ڪئي ۽ هو وطن واپس نه آيو ته حڪومت انٽرپول سميت ٻيا ذريعا استعمال ڪندي. ان حوالي سان بحث جي هو آجيان ڪندا. هن چيو ته ان کان اڳ ڪنهن چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر اهي ڏينهن نه ڏٺا جيڪي جنرل مشرف ڏٺا آهن، سندس نالو اي سي ايل ۾ رهيو ۽ عدالتن جي سامهون پيش ٿيندو رهيو، ان مان صاف ظاهر آهي ته قانون جي پاسداري بهتر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان هڪٻئي تي تنقيد ڪندا رهياسين ته حالتون بهتر نه ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *