پرويز مشرف جو فيصلي تي افسوس جو اظهار، اي پي ايم ايل جو عدالت وڃڻ جو اعلان

دبئي /اسلام اباد(م.ڊ) اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ خاص عدالت جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آل پاڪستان مسلم ليگ جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف کي موت جي سزا ڏيڻ واري عدالتي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي خاص عدالت جي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنرل سيڪريٽري اي پي ايم ايل مهرين ملڪ چيو آهي ته پرويز مشرف فيصلي کي چيلينج ڪنداسين ۽ خاص عدالت جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي. ان کان اڳ اي پي ايم ايل فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته آئين شڪني جو ڪيس بدنيتي ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آهي ڪيس ۾ پرويز مشرف کي نه ٻڌو ويو ۽ وڪيل کي به دفاع جو موقعو ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته پرويز مشرف خلاف خاص عدالت جو فيصلو حيران ڪندڙ آهي، خاص عدالت پرويز مشرف جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو ڏنو، پرويز مشرف هر هر چيو ته مون کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو نه ڏنو وڃي جڏهن ته ان ڪيس ۾ ورغلائيندڙڻ ۽ سهولتڪارن کي شامل به ناهي ڪيو ويو ڇو ته ايمرجنسي جو فيصلو ڪابينا، چيف منسٽرن، گورنرز ۽ ڪور ڪمانڊرن جي ڳالهين سان لاڳو ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *