دنيا ۾ اهڙين حالتن جو خاتمو ڪرڻو پوندو جنهن سان ماڻهو مهاجر پيا بڻجن: عمران خان

جينيوا(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جينيوا ۾ پناهه گيرن جي پهرين عالمي فورم کان خطاب ڪندي چيو آهي ته بي وس ۽ بي وسيلا پناهه گيرن جي مسئلن جو امير ملڪ ادراڪ نٿو ڪري سگهي، دنيا ۾ اهڙين حالتن جو خاتمو ڪرڻو پوندو جنهن سان ماڻهو مهاجر بڻجندا آهن. سوئٽزرلينڊ جي شهر جينيوا ۾ پناهه گيرن جي پهرين عالمي فورم جو آغاز ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت وزير اعظم ڪئي. وزير اعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پهرين ريفيوجي گلوبل فورم جي شروعات تي خوشي ٿي آهي ۽ آئون دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهاجرن جي ميزباني ڪرڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. سرڪاري خابرو اداري موجب وزير اعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهري بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته دنيا ڄاڻي ڇڏي ته ڀارت ۾ پناهه گيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جو 80 لک عوام محصور آهي، ڄاڻي وٺو ته مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ڪشمير مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ٻن ايٽمي ملڪن ۾ ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو، ڀارت کي غير قانوين قدمن کان باز رکڻ پناهه گيرن کي هڪ وڏي بحران کان بچائي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي شهريت کان محروم ڪرڻ جي لاءِ تڪراري شهريت بل منظور ڪيو ويو آهي، 20 ڪروڙ ڀارتي مسلمانن جا حق کسيا پيا وڃن، ان قانون جي خلاف ڀارت ۾ فساد ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو روڊن تي آهن. هن چيو ته پاڪستان ڏکيائين جي باوجود 30 لک افغاني پناهه گيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، چاهيون ٿا ته چاليهه سال کان مصيبتن جو شڪار افغان عوام امن جي ثمرن مان فائدو وٺي، اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻيون پونديون جو مهاجر باعزت طريقي سان پنهنجي وطن موٽي وڃن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جهڙو غريب ملڪ جتي بيروزگاري آهي ۽ عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن اُتي ايتري وڏي انگ ۾ پناهه گير موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان شروعاتي ڏينهن ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي پناهه گير تحريڪ کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو 2 ايٽمي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار آهي، گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري هتي موجود آهي، اِهو ئي وقت آهي ته عالمي برادري ان صورتحال جو نوٽيس وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *