دنيا جو ڇھون خطرناڪ شھر قرار ڏنل ڪراچي جو امن اسان بحال ڪيو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان پنھنجي معاشري کي تڏھن بھتر ڪري سگھنداسين جڏھن اسان سڀ گڏجي پنھنجا فرض ديانتداريءَ سان نڀائينداسين. ھن ڳالھھ اڄ اڱاري ڏھاڙي 46 ھين اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام جي 34 پوليس آفيسرن سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات دوران خطاب ڪندي ڪئي. وڏي وزير سان گڏ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھھ، انسپيڪٽر جنرل پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صوبائي گھرو سيڪريٽري، ناڻي وارو سيڪريٽري، تعليم وارو سيڪريٽري، صحت وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ خطاب ڪندي چيو تھ اسان پنھنجي معاشري کي تڏھن بھتر ڪري سگھنداسين جڏھن اسان سڀ گڏجي پنھنجا فرض ديانتداريءَ سان نڀائينداسين. ھن چيو تھ اسان ڪراچيءَ ۾ امن امان بحال ڪيو. ھن وڌيڪ چيو تھ امن جي بحاليءَ ۾ پاڪ آرمي، رينجرز سان گڏجي پوليس زبردست ڪم ڪيو. ھن چيو تھ ماضيءَ ۾ ڪراچي دنيا جو ڇھون خطرناڪ شھر قرار ڏنو آھي پر ھاڻ امن امان واري صورتحال بھتر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي شھر 76 نمبر تي آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ ان بھتريءَ سان شھر ۾ تعليمي، ثقافتي ۽ تجارتي سرگرمين ۾ تيزي ٿي آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ٿر ۾ 1992ع دوران ڪوئلي جا ذخيرا دريافت ٿيا ۽ ھن وقت پاڪستان جي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو ٻھ يادداشتي صحيون ڪيون جنھن ۾ ھڪ مائننگ ۽ ٻيو بجليءَ جي پيداوار بابت ھو. ھن چيو تھ اھو ڪم مختلف سببن ڪري اڳتي وڌي نھ سگھيو. وڏي وزير چيو تھ وڏي جدوجھد کان پوءِ اسان ٿرڪول بلاڪ ٽو مان بجليءَ جي پيداوار شروع ٿي آھي ۽ ھاڻ ٿر ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سيڙپڪارن جون قطارون لڳل آھن جيڪي سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جو ثبوت آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ ٿرڪول سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت ٻين ذريعن سولر ۽ ونڊ انرجي ذريعي پڻ بجليءَ جي پيداوار تي ڌيان ڏنو آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ حڪومت کي توانائيءَ واري شعبي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو بجليءَ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن جو ھو، جنھن لاءِ سنڌ حڪومت وفاق سان ڊگھي جدوجھد ڪئي ۽ ان جدوجھد واري نتيجي ۾ سنڌ حڪومت کي ٽي مھينا اڳ وفاق صوبائي سطح تي بجلي جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن ڪمپني قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني. وڏي وزير چيو تھ سنڌ حڪومت صوبي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو آھي ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊ تحت ڪيترائي منصوبا ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا ويا آھن، ھن مٺي کان اسلام ڪوٽ روڊ جي تعمير جو حوالو ڏيندي چيو تھ مٺيءَ کان اسلام ڪوٽ روڊ جي ڳڻپ پاڪستان جي بھترين روڊن ۾ ڪري سگھجي ٿي. ان کانسواءِ سنڌ جي صوبائي حڪوت اسلام ڪوٽ ۾ پھريون ايئرپورٽ تعمير ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ مٺيءَ ۾ تعمير ڪيل اسپتال جو مقابلو سنڌ جي ڪنھن بھ اسپتال سان ڪري سگھجي ٿي. سنڌ حڪومت ٿر ۾ ترقي ۽ ان جي ڪوئلي جي ذخيرن سان ڀرپور ريت فائدو کڻڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪم ڪيو آھي. سنڌ حڪومت ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي متاثرن لاءِ ماڊل وليج تعمير ڪري انھن کي زندگيءَ جون سموريون سھولتون ڏنيون آھن. ان کان سواءِ سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻ لاءِ پھريون ڀيرو بين الاقوامي بڊنگ ڪرائي. وڏي وزير چيو تھ صوبائي حڪومت ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ جھڙي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽس لڳايا تھ جيئن ماڻھن کي پئيڻ جو صاف پاڻي ملي سگھي. ان کان سواءِ ٿر ۾ فش فارمنگ بھ ڪئي وئي آھي عرض تھ ٿرپارڪر ۾ گذريل ڏھن سالن دوران وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آھن. وڏي وزير وڌيڪ چيو تھ وفاقي حڪومت پاران فنڊ وقت تي جاري نھ ڪرڻ ڪري ترقياتي ڪمن جي تڪميل جي حوالي سان سنڌ حڪومت مسئلن کي منھن ڏيندي آھي. وڏي وزير سيف سٽي پروجيڪٽ بابت پڇا ڪيل سوال جي جواب ۾ ٻڌايو تھ سنڌ حڪومت سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رھي آھي. ھن ٻڌايو تھ اھو منصوبو 2013ع ۾ شروع ڪيو ويو ھو. ھن چيو تھ اسان جي ڪوشش آھي تھ ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ڪراچي شھر ۾ پوليس موئثر طريقي سان ڪم ڪري رھي آھي پر اسان وفاق کان رينجرز جي مقرريءَ جي درخواست ڪئي ۽ انھن کي خاص اختيار پڻ ڏنا ويا آھن تھ جيئن پوليس ۽ رينجرز گڏجي دھشتگردن ۽ ڏوھارين خلاف ڪم ڪري ۽ اسان جي اپائن جا ھمت وڌائڻ وارا نتيجا سامھون اچي رھيا آھن ۽ ھن وقت ڪراچيءَ سميت سڄي صوبي ۾ مثالي امن قائم آھي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *