ايندڙ وزيراعظم جو اعلان نواز شريف نه پر عوام ڪندو: خورشيد شاهه

سکر(م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ايندڙ وزيراعظم شهباز شريف ٿيندو يا بلاول ڀٽو ان حوالي سان فيصلو نواز شريف نه پر 20 ڪروڙ عوام ڪندو. پنوعاقل ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪيئن فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير ٿيندو، شهباز شريف، بلاول ڀٽو يا عمران خان مان ڪير ايندڙ وزيراعظم هوندو ان جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ميان صاحب اڄ پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ۽ ٻيو چوي ٿو ته مون کي ڇو گهرايو جڏهن ته مون کان پڇيو ويو ته پارليامينٽ ۾ ميمبرن ڇو ناهن هوندا، مون چيو ته اها ميان صاحب جي ڪمزوري آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ٿورو وقت اڃان ملي ها ته فاٽا وارا اڄ پاڪستان جو حصو هجن ها، اسان تاريخ لکنداسين ۽ پيپلز پارٽي ئي فاٽا کي ان جا حق ڏياريندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *