پاڪ ڀارت ٽينس ۽ ڪوڏي ڪوڏي ٿي سگهي ٿي ته ڪرڪيٽ ڇو نٿي کيڏي سگهجي: شعيب اختر

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالرشعيب اختر هڪ دفعو ٻيهر پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحالي تي زور ڏيندي چيو آهي ته جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪوڏي ڪوڏي کيڏي سگهجي ٿي ته ڪرڪيٽ ڇو نٿي کيڏي سگهجي.شعيب اختر چيو ته اسان ڊيوس ڪپ ۽ ڪوڏي ڪوڏي هڪ ٻئي سان گڏ کيڏي سگهون ٿا ته پوءِڪرڪيٽ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي.جيڪڏهن اوهان کي سمورن لاڳاپن کي ختم ڪرڻو آهي ته پوءِ واپار به ختم ڪري ڇڏيو. ڪوڏي ڪوڏي به نه کيڏو، صرف ڪرڪيٽ تي ئي ڇو سياست ڪئي پئي وڃي.؟ اها مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ ٻئي جا بصر پٽاٽا ته کائون ٿا پرڪرڪيٽ ڇو نٿا کيڏي سگهون. هن وڌيڪ چيو ته. مان سمجهي سگهان ٿو ته ڀارتي ٽيم پاڪستان نٿي اچي سگهي ۽ پاڪستاني ٽيم اتي نٿي وڃي سگهي پر اسان ايشيا ڪپ ۽ چيمپين ٽرافي نيوٽرل وينيو تي کيڏندا آهيون ته پوءِ اتي ڪرڪيٽ سيريز ڇو نٿي کيڏي سگهجي. اميد آهي ته   ٻئي ملڪ جلد ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *