نوين وقار ڀوائتي ڊرامي ۾ جوهر ڏيکاريندي، ڊرامو عيد جي موقعي تي نشر ڪيو ويندو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا نوين وقار نئون ڊرامو سائين ڪري ورتو آهي. پنهنجي هن نئين ڊرامي ۾ اداڪارا انوکي ڪردار ۾ نظر ايندي. نوين وقار هن ڊرامي لاءِ پرجوش آهي ۽ هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته عيد جي موقعي تي ڊرامي کي نشر ڪيو ويندو. نجي ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب نوين وقار چيو آهي ته مان ماهه نور نالي ڇوڪري جو ڪردار نڀائي رهي آهيان، ڀوائتي ڪهاڻي تي ٻڌل هن ڊرامي ۾ ڪيترن ئي سالن جو دور ڏيکاريو ويندو، مان اڃا ان حوالي سان وڌيڪ نٿي ٻڌائي سگهان. ياد رهي ته ڊرامي کي شمعون عباسي ڊائريڪٽ ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *