پاڪستاني ويٽ لفٽر رابعه شهزاد گلاسگو اوپن ۾ سونو ٻلو پنهنجي نالي ڪري ورتو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ويٽ لفٽر رابعه شهزاد گلاسگو اوپن ڪلاسڪ ويٽ لفٽنگ چيمپين شپ 2020 ۾ سون جو ٻلو حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو.پاڪستاني ويٽ لفٽر رابعه شهزاد سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ جي ذريعي خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته مون گلاسگو اوپن ڪلاسڪ ويٽ لفٽنگ چيمپين شپ 2020 ۾ سون جو ٻلو  کٽي ورتو آهي.رابعه شهزاد پنهنجي پوسٽ ۾ ان سفر ۾ ايندڙ پريشانين جو ذڪر به ڪيو ۽ ان سان گڏ ئي هن الله جو شڪر ادا ڪندي هر لمحي تي ساٿ ڏيڻ تي پنهنجي پيءُ جو ٿورو مڃيو.21 ساله رابعه شهزاد ڪراچي جي انسٽيٽيوٽ فار بزنس ايڊمنسٽريشن(آءِ بي اي) ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽ هو پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن طرفان ڪنهن به قسم جي تعاون کان سواءِ ئي آزادانه طور تي ٽريننگ ڪندي آهي.رابعه پاڪستاني بيڊمنٽن اسٽار ماحور شهزاد جي ڀيڻ آهي. ياد رهي ته گذريل سال رابعه شهزاد برطانيه جي هيمپشائر ويٽ لفٽنگ چيمپين شپ ۾ به سونو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *