ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ آدم شماري جي ٽيم تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف زرداري چيو ته پاڪستان آرمي جي جوانن تي حملو ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته هاڻ دهشتگردن جون سموريون نرسريون تباهه ڪرڻيون پونديون. آصف زرداري ڌماڪي ۾ شهيدن ٿيلن جي وارثن سان همدردي ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.