لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن فوجي جوانن سميت 6 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي تي انتهائي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن عوام کي ذهني سڪون کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو سندن فوجي جوانن، شهرين، اسڪولن، اسپتالن، عبادتگاهن وغيره کي نشانو بڻائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي کي فقط ان صورت ۾ ئي ختم ڪري سگهجي ٿو، جڏهن قومي ايڪشن پلان کي ڪنهن به استثنيٰ کانسواءِ چئني صوبن ۾ لاڳو ڪيو وڃي. پي پي پي چيئرمين چيو ته هو هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهن ۽ پي پي پي ملڪ اندر دهشتگردي سبب متاثر ٿيندڙ سڀني ماڻهن جي وارث آهي ۽ متاثر ڪٽنبن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريندي چيو ته لاهور بم ڌماڪي جي زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن.