ملڪ ۾ مسلسل دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي آهي: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي آدم شماري ٽيم تي آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي قدم کنيا وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪيون ٿا. هن ڌماڪي ۾ شهيدن ٿيلن ۽ زخمين سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي مسلسل واقعن تي ڳڻتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *