اپوزيشن ناڪ آئوٽ ٿيڻ ڪري واڪ آئوٽ ڪيو، مخالف ڌر ريڊ لائن پار نه ڪري: حڪومتي وزير

اسلام آباد(بيورو) حڪومتي وزيرن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ايوان ۾ سچ ڳالهائي مخالف ڌر کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، تڏهن اهي واڪ آئوٽ ڪري ويا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزير اعظم اڳ به مخالف ڌر جي هر مطالبي کي تسليم ڪيو هو، وزير اعظم وٽ سچ ۽ مخالف ڌر وٽ ڪوڙ کان سواءِ ڪجھه ناهي وزير اعظم جڏهن سچ پيش ڪيو ته مخالف ڌر وارا واڪ آئوٽ ڪري ويا. ائين وزير اعظم جي سچ، ڪوڙ کي ناڪ آئوٽ ڪيو. جيڪي ناڪ آئوٽ ٿيا اهي واڪ آئوٽ ڪري ويا ڇو جو انهن وٽ ڪو جواب نه هو. پرويز رشيد چيو ته وزير اعظم جي تقرير مخالف ڌر وارن کي لا جواب ڪري ڇڏيو، ان ڪري انهن  ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ جي ڊبيٽ جو حصو نٿا وٺي سگھن، پنهنجي مٿان لڳل الزامن جا جواب نٿا ڏئي سگھن، جيڪي ٽيڪس بچائڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون ٺاهين ٿا اهي سچ جو مقابلو نٿا ڪري سگھن. ان موقعي تي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان کي سڀني سياستدانن کان وڌيڪ آف شور ڪمپنين جو تجربو آهي، هن تڏهن آف شور ڪمپني ٺاهي جڏهن ٻين کي آف شور ڪمپني جي اسپيلنگ نه ايندي هئي. هن چيو ته  عمران خان ماڻهن جي خيرات جا پيسا آف شور ڪمپني ۾ لڳايا. آف شور ڪمپنيون ڏوهه آهي ته سڀ کان وڏو ڏوهاري عمران خان آهي. خواجه آصف چيو ته عمران خان ٻڌائي هوڻ 1993ع ۾ آف شور ڪمپني لاءِ پيسا ڪٿان آندا؟ هن چيو ته ميڊيا انڪشاف نه ڪري ها ته نيازي لميٽڊ آف شور ڪمپني جي خبر نه پوي ها. هي ٻڌائين ته انهن وٽ لکين پائونڊ ڪٿان آيا جنهن سان هنن آف شور ڪمپني ٺاهي. ڪهاڻي هاڻي پري تائين ويندي. هن چيو ته عمران خان زڪوات 70 ڪروڙ رپيا آف شور ڪمپني ۾ لڳائي ڇڏيا. عمران خان چوي ٿو ته هُن پراپرٽي فليٽ وڪڻي ٺاهي، ڇا هُن ڪنگڊم پيلس وڪڻيو آهي؟ خواجه آصف جو چوڻ هوته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته اپوزيشن جي ڪجھه پارٽين غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اسپيڪر مخالف ڌر جي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو. هڪ پارٽي جو ته صفايو ٿي چڪو آهي ٻيو وري چوي ٿو ته رڳو آئون بچندس. عمران خان اڳ به اهي حرڪتون ڪري چڪو آهي، سوا سئو ڏينهن ايوان کي يرغمال بڻايو خورشيد شاهه کي اڄ ڳالهائڻ گھرجي، کين سڀني کان وڌيڪ وقت ڏنو ويو پر هن ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو، عمران خان جنهن رستي تي هلي رهيو آهي هاڻي پ پ به ان تي نڪري پئي آهي. انهن کي روڪيو وڃي. هن چيو ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ پ پ ۽ ن ليگ ريڊ لائين ٿيون، جنهن سان ملڪ جو جمهوريت جو نقصان ٿيو. مخالف ڌر ريڊ لائن پار نه ڪري.  هن چيو ته الزام بدلي الزام مجبوري ۾ ڏئي رهيا آهيون. هنن سان گڏ هڪ گجرا پارٽي ٻي ٽانگا بارٽي آهي، جيڪا سياست کي گندو ڪري رهي آهي. مخالف ڌر کي رڳو چار ماڻهو پيا هلائين. عمران خان، خورشيد شاهه، اعتزاز احسن اهي سڀ پرويز الاهي جي هٿ چڙهي ويا آهن. اهو چوڻ غير ضروري آهي ته ستن سوالن جا جواب نه مليا هاڻي ستر سوالن جا جواب ڏنا وڃن. خواجه سعد رفيق چيو ته وزير اعظم چئي چڪو آهي ته قانون ۾ خامي آهي ته اها به ختم ڪئي وڃي، اها هڪ وڏي آڇ آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر جي ڪا پارٽي سنجيده آهي ته وزير اعظم جي آڇ جو هاڪاري جواب اچڻ گھرجي. اسين ڪوشش ڪنداسين ته مسئلو آساني سان حل ٿي وڃي. هن چيو ته اعتزاز احسن ذاتي سياست ڪري رهيو آهي، ان جي پويان سندس پارٽي جي خراب ڪارڪردگي آهي. عمران خان، شيخ رشيد، اعتزاز احسن ۽ ٻين کي پنهنجو سُور آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته نيت صاف ناهي ۽ تڪرار هلائڻو آهي ته هي تڪرار ڏهه سال به هلي سگھي ٿو، پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ قانون سازي جي ضرورت آهي ته اها به ٺهي سگھي ٿي. ميثاق جمهوريت تي شهيد بينظير به صحيح ڪئي هئي، ان کي اڳتي وڌايو وڃي. نه ته مسئلو حل نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *