پاڪ ترڪ فائونڊيشن ڪالعدم تنظيم قرار، پابندي لاڳو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ ) حڪومت پاڪستان پاڪ ترڪ فائونڊيشن کي ڪالعدم تنظيم قرار ڏيندي ترڪ انٽرنيشنل سي اي جي ايجوڪيشن فائونڊيشن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، فائونڊيشن کي دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ جي شق 11 بي تحت ڪالعدم قرار ڏنو ويو  آهي.پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ ترڪ انٽرنيشنل سي اي سي ايجوڪيشن فائونڊيشن تي پابندي لاڳو ڪندي پاڪ ترڪ فائونڊيشن کي پابندي مڙهيل تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو ، فائونڊيشن کي دهشتگردي ٽوڙ  ايڪٽ جي شق  11 بي تحت ڪالعدم قرار ڏن ويو آهي.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فائونڊيشن جا دهشتگردن سان رابطا هئڻ جا ثبوت مليا آهن، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي تحت فائونڊيشن کي شيڊول 1 ۾ شامل ڪيو ويو ، گهرو وزارت فائونڊيشن کي پابندي مڙهيل تنظيمن جي فهرست ۾ ارڙهين اپريل تي شامل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *