ڀٽو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو ڀٽو سان گڏ ئي دفن ٿي ويو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان وفد سان ڳالهين دوران چيو ته چٽو امڪان آهي ته افغان ستان ۾ امن جي بحالي لاءِ اسان جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون. افغانستان جي سياستدانن، صحافين ۽ ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي.  ان موقعي تي پاڪ افغان لاڳاپن، افغان مفاهمتي عمل سميت گڏيل دلچسپي وارن  معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . وفد افغان عمل ۾ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيو وفد افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ اعتماد سازي، ٻه طرفن سياسي ۽ واپاري سهڪار تي تجويزون پيش ڪيون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان خطي ۾ خاص طور افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ پنهنجون ڪاوشون جاري رکندو ۽ امن لاءِ  ڪيل ڪوششون ڪاميابي ٿينديون.  ٻِئي طرف  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀٽو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو ڀٽو سان گڏ ئي دفن ٿي ويو آهي، گذريل حڪومتن پورهيتن کي نظرانداز ڪيو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو اڄوڪي ڏينهن تي محنت ڪشن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.پرڏيهي وزير جو چوڻ هوته گذريل حڪومتن پورهيتن کي نظرانداز ڪيو، ڀٽو جو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو ڀٽو سان گڏ ئي دفن ٿي ويو .شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت محنت ڪشن ۽ مزدورن جي جدوجهد کي تسليم ڪري ٿي، پورهيت طبقو تبديلي آڻڻ ۾ هر اول سپاهي جو ڪردار ادا ڪندا آهن.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جو مزدور اڄ پنهنجي روزي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت پورهيتن کي سندن حق ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *