اختيارن جي جنگ، سنڌ جو وڏو وزير ۽ آءِ جي ٻيهر آمهون سامهون، ڪليم امام اختيار کسجڻ تي سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت ۽ پوليس عملدارن وچ ۾ اختيار حاصل ڪرڻ جي جنگ وڌي ويئي آءِ جي سنڌ ڪليم امام صوبائي حڪومت کي چتاءُ جو خط لکي ڇڏيو آهي تفصيل موجب سنڌ حڪومت پاران سنڌ پوليس ۾ اختيارن لاءِ مشرف دور جو پوليس آرڊر بحال ڪرڻ جي منظوري کان پو3 سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي جو اختيار ڪنهن جو هجي سنڌ پوليس ۽ صوبائي حڪومت هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون آءِ جي سنڌ ڪليم امام اختيارن جي آزادي کسجڻ تي سنڌ حڪومت کي هڪ خط لکي ڇڏيو آهي گهرو سيڪريٽري جي نالي لکيل خط ۾ چيو ويو ته پوليس جا انتظامي ۽ آپريشنل اختيار آءِ جي کي حاصل آهن پوليس سربراهه صوبائي حڪومت کي صلاح ڏني ته هو آءِ جي انتظامي خود مختياري ۽ آزادي کي يقيني بڻائي هن چيو ته سنڌ ۽ حڪومت جي مفاد ۾ آهي ته پوليس جو ڪوئي قانون عدالتي فيصلي جي خلاف نه هجي آءِ جي سنڌ پوليس ڪابينه ميمبرن کي درخواست ڪئي ته هو پوليس جي ورڪنگ پيپر جو جائزو وٺڻ نئين پوليس قانون تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو صورتحال ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿي فيصلو ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *