پاڪ-افغان ۾ ٽريڪ ٽو ڳالهيون ضروري آهن، افغانستان پاڪستان لاءِ ڪافي اهميت رکي ٿو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته  وزيراعظم عمران خان جلد روسي صدر سان ملاقات ڪندو، افغانستان ۾ امن افغانستان جي پنهنجي ماڻهن ذريعي ئي اچي سگهي ٿو. پاڪ افغان ٽريڪ ٽو ڊائيلاگ سيمينار کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ٽريڪ ٽو ڳالهيون ضروري آهن، افغانستان پاڪستان لاءِ ڪافي اهميت رکي ٿو،  افغانستان سان سٺا لاڳاپا اسان جي اوليت آهي، افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان فار پيس کي لاڳو ڪرڻو پوندو ته جيئن اعتماد جي بحالي ۾ مدد ملي سگهي، افغانستان ۾ امن پنهنجي ماڻهن ذريعي ئي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن عمل ۾ آمريڪا جي سموري مدد ڪري رهيو آهي، انٽرا افغان ڊائيلاگ ذريعي ئي معاملا ٺيڪ ڪري سگهجن ٿا،  ٽريڪ ٽو ڳالهيون حڪومتن کي ويجهو آڻڻ لاءِ موقعو فراهم ڪنديون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان افغان مفاهمتي عمل جو حامي ۽ مددگار آهي، دوحا ۾ ٿيل ڳالهيون ملتوي ٿيڻ بدقسمتي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي عوام ڪڏهن به قبضو برداشت نه ڪيو آهي پر دوستن جي آجيان ڪريون ٿا، افغانستان ۾ پشتونن کانسواءِ به ماڻهو آباد آهن، سڀني سان ڳالهيون ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *