فوج کي حڪومت جي ناڪامين باوجود ائين سامهون نه اچڻ گهرجي، ائين پيو لڳي ته ڄڻ عمران خان کي ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مطالبو ڪيو آهي ته آي3 ايم ايف ڇين ۽ ايشين بئنڪ سان شرطون پارليامينٽ کي ٻڌايون وڃن اسان جي سياسي ويڙهه پي ٽي آءِ سان آهي عوام جي بهتري ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي معاملي تي سياست نه ڪنداسين موجوده حڪومت ٿورڙي وقت ۾ تباهي ڪري ڇڏي ناڻي وزير کي هٽايو ويو 8 مهينن ۾ ناڪامي جو ان کان وڏو ڪهڙو ثبوت هوندو خبر ناهي ته سڀ کان وڌيڪ قربانين جي باوجود ڇو اسان کي دهشتگرد چيو پيو وڃي حڪمران ٻڌائين ته 9 مهينن ۾ الزام مڙهڻ بدران ٻيو ڇا ڪيو آهي ايمنسٽي اسڪيم ۽ آءِ ايم ايف جي مخالفت ڪندڙ ڇو اوڏانهن وڃي رهيا آهن مدرسن جي سڌارن جي ڳالهه سميت ٻيا مسئلا جيڪڏهن وزير اٿارن ها ته بهتر ٿئي ها هر اداري کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهڻ گهرجي ايئن لڳي ٿو ته عمران خان کي رڳو ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي اسان پاڪ فوج کي دنيا ۾ پنهنجي طاقت طور متعارف ڪرايون ٿا اڱاري تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته جمهوري نظام جي سڀ کان سٺي ڳالهه هي آهي ته عوام جي مسئلن تي ڳالهه ٿئي ٿي هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن طور هي اسان جي آئيني ذميواري به هوندي آهي ان ڳالهه جو سياستدان کي احساس هئڻ گهرجي ته عوام سان ڪهڙا واعدا ڪري اچن ٿا هن چيو ته نالو سياست جو استعمال ڪن ٿا ۽ ڪم پنهنجا ڪن ٿا خورشيد شاهه چيو ته اسان جي نظام جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هي آهي ته عوامي مسئلا پارليامينٽ ۾ بيان ڪيا وڃن ٿا جنهن ۾ احساس نه آهي اهو انسان نه آهي هن چيو ته ڏک جي ڳالهه آهي جو سياستدانن ۾ بي حسي اچي چڪي آهي نالو سياست جو استعمال ڪري ڪم ٻيا ڪري رهيا آهن هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل ڪمٽمنٽ بدران بک جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي هن چيو ته هر پارٽي غريب عوام جي ڳالهه ڪري ٿي پر اقتدار ۾ ايندي ئي وساري ويهن ٿا هن چيو ته هن حڪومت هڪ نئين ڪهاڻي شروع ڪئي پهريان انڪار ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ آءِ ايم ايف ڏانهن وڃي رهيا آهن هن چيو ته هو معاشي انقلاب پيرن تي بيهارڻ ۽ قرض ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر ايندي ئي 71 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻو قرض وٺي ڇڏيو هن چيو ته هاڻي حڪمران چون ٿا ته ملڪ ۾ ڪجهه نه هو ۽ هاڻي اسان قرض ورتو هن چيو ته 2013 ۾ گروٿ 5.8 ۽ هاڻي 2.4 آهي زرعي ترقي به گهٽ آهي هن چيو ته مهانگائي 2013 ۾ 5.3 هئي ۽ هاڻي هي 9 جي حد ڪراس ڪري رهي آهي هن چيو ته جن حالتن ۾ اسان آءِ ايم ايف کان قرض وٺي رهيا آهيون اهي برداشت کان ٻاهر آهن پر ٻيو ڪوئي ڌڳ نه آهي هن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته آءِ ايم ايف چين ۽ ايشين بئنڪ سان شرطون پارليامينٽ کي ٻڌائين هن چيو ته پاڪستاني عوام فوج سان گڏ بيٺي آهي اها وڏي طاقت آهي پر ان کي حڪومتي ناڪامين جي باوجود ان کي ايئن سامهون نه اچڻ گهرجي هن چيو ته اسان کي طاقت سان گڏ اتحاد تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي ايئن لڳو ٿو ته عمران خان کي رڳو ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي هن چيو ته اسان پاڪ فوج کي دنيا ۾ طاقت طور متعارف ڪرايون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *