پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جون ڳالهيون ٻئي ڏينهن به جاري رهيون، ڳالهين جو سلسلو 10 مئي تائين جاري رهندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪينڪي سطح جون ڳالهيون ٻئي ڏينهن به جاري رهيون ڳالهين جو 10 مئي تائين سلسلو جاري رهندو ذريعن موجب ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف مشن جي سربراهي ارستور مري زريگو ڪري رهيو هو ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي پاور سيڪٽر سان گڏوگڏ سوشل سيفٽي نيٽ سرڪلر ڊيٽ گهٽائڻ بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ويئي ذريعن موجب ناڻي وزارت جا عملدار به آءِ ايم ايف جي وفد کي بريفنگ ڏيندا پاڪتان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهون 10 مئي تائين جاري رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *