پاڪستان ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو معذور آهن، انهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل زميواري آهي: عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي مالي ڏکيائين جي باوجود حڪومت پيڙهيل طبقن لاءِ سپورٽ پروگرام ۽ احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ ٻيڻي واڌ ڪئي آهي سومر تي اسپيشل ٻارڙن ۾ ويل چيئر ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته معذور ماڻهن جو خيال رکندڙ معاشرن تي الله جي رحمت نازل ٿئي ٿي هن چيو ته هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو معذور آهن معذوري ڪوئي عيب نه آهي پر هي الله تعاليٰ جي نظام تحت آهي هن چيو ته معذور ماڻهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي معذور ماڻهن لاءِ نوڪرين جو پنج سيڪڙو ڪوٽا آهن معذور ماڻهن جي معذوري کي آڏو رکي کين مناسب نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن هن چيو ته معذور ماڻهن بابت قانونسازي لاءِ پارليمينٽ جي ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي نادره ۽ بيت المال گڏجي معذور ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪن ته جيئن معذور ماڻهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري سگهجن هن چيوت ه معذور ماڻهن لاءِ ايوان صدر جا دروازا هر وقت کليل آهن ۽ اسپيشل ماڻهو هر شعبي ۾ پنهنجي محنت سان ڪامياب ٿين ٿا مئنجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال عون عباس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسپيشل ٻارڙن لاءِ ايوان صدر کولڻ تي صدر جا ٿورائتا آهيون هن چيو ته معذور ماڻهن کي ويل چيئرز ڏيڻ لاءِ ايپ تيار ڪري رهيا آهيون جنهن جي ذريعي معذور ماڻهو آن لائين ويل چيئر لاءِ اپلاءِ ڪري سگهندا ۽ کين 15 ڏينهن ۾ گهر ويٺي کين ويل چيئر ڏني وڃي شروعاتي طور تي هي پروگرام سڄي ملڪ جي 12 ضلعن ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ان موقعي تي مخصوص ٻارڙن ڪرڪيٽ کيڏي پنهنجون صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو صدر معذور ٻارڙن ۾ ويل چيئرز ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *