شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾  چيو ته زلزلي متاثرن جي امداد جو 8 ڪروڙ رپين جو سرڪاري چيڪ سڌي ريت شهباز شريف جي ناٺي علي عمران جي ذاتي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيو. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شهباز جو ناٺي ۽ سند پٽ سچا آهن ته ملڪ مان ڇو ڀڳا؟ ارٿ ڪويڪ ري ڪنسٽر ڪس اينڊ ري هيبي لٽيشن اٿارٽي ( ايرا ) جي آفيسر جي اعتراف کانپوءِ بهتر اهو آهي ته شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي، توبه جا دروازا سدائين کليل رهندا آهن، ايرا جي آفيسر اڪرام نويد نيب کان پلي بارگين ڪندي پنهنجي حلفي بيان جي صورت ۾ ان ڏوهه جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته ليگي ترجمان ڪوڙ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، پر ڪوڙ جا پير ناهن هوندا، نوڪري جي زنجير ۾ جڪڙيل ن ليگي ترجمان ڪيستائين چوري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو دفاع ڪندا، شهباز ۽ سندس پٽن جي ڪاري ناڻي ۽ ٽي ٽيز جي فهرست ڊگهي آهي ته دفاع ڪندي جلد ترجمانن جا هٿ مٿي ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *