پ پ جا وڏيرا پاڻي چور آهن، نادر مگسي پاران رينجرز گهرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف پورٽر) پ پ ايم پي اي نادر مگسي پيپلز پارٽي جي وڏيرن کي پاڻي چوري جو ذميوار قرار ڏيندي رينجرز کان ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. نادر مگسي انڪشاف ڪيو آهي ته پارٽي اندر موجود اُهي ماڻهو رينجرز گهرائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڻ واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. نادر مگسي احتجاج جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن ڳالهه وڻي يا نه وڻي، افسوس آهي جو اسان جي هي اسان جي حڪومت آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي بدترين صورتحال جي حوالي سان پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي نادر مگسي پنهنجي ئي حڪومت جي بدانتظامي تي تنقيد ڪئي. نادر مگسي چيو ته هاڻي ته درياءَ ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي اچي ويو آهي، آبپاشي کاتي کي گذارش آهي ته پنهنجي انتظاميا کي ٺيڪ ڪري، ڪنهن کي ڳالهه وڻي يا نه وڻي! افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هي اسان جي حڪومت آهي. نادر مگسي چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسان جو جيئن مرڻ پاڻي سان آهي، اسان وٽ اُتي ٻيو ڪجهه به نه آهي. پوليس کان ڪم نٿو ٿئي، پيپلز پارٽي جي وڏيرن واٽر ڪورس ٽوڙي ڇڏيا آهن، توهان هلي ڏسو، جيڪڏهن منهنجي زمينن لاءِ واٽر ڪورس ٽٽل هجي ته پهرين مون تي ڪيس داخل ڪرايو، پوءِ ٻين تي داخل ڪريو. نادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي جي وڏيرن طرفان واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪرڻ سبب پارٽي بدنام ٿي رهي آهي، اسان به پنهنجي تڪن تي وڃي نه سگهنداسين. پ پ ايم پي اي رينجرز کان پاڻي چوري روڪرائڻ جو مطالبو ڪندي انڪشاف ڪيو ته اسان جي پارٽي اندر جيڪي ماڻهو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، اُهي ئي رينجرز کي گهرائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. نادر مگسي احتجاج جو اشارو ڏيندي چيو ته پاڻي جي چوري کي سنجيدگي سان نه ڏٺو ويو ته اسان سان گڏ ماڻهو رستن تي اچڻ لاءِ تيار آهن، رستن تي اچڻ ماڻهن جو حق به آهي، تنهن ڪري سنڌ سرڪار ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي گذارش ڪريان ٿو ته هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺو، گذريل ڀيري به مون پنهنجي علائقي ۾ پاڻي چوري جي حوالي سان شڪايت ڪئي هئي پر ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي، اسان جي علائقي سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو هن علائقي مان چونڊجي آئي هئي. واضح رهي ته پاڻي چوري خلاف بدين، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ لڳاتار مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ اُنهن علائقن ۾ آبادگار رستن تي اچي پاڻي چوري جون دانهون ڪري رهيا آهن، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شهدادڪوٽ سان واسطو رکندڙ ايم پي اي نادر مگسي پاڻي چوري خلاف ڀرپور آواز اُٿاريو، پر بدين ۽ ٺٽي سوڌو ٻين علائقن جا چونڊيل نمائندا خاموش رهيا. دادو ضلعي سان واڳيل ايم پي اي غلام شاهه جيلاني ته هڪ هفتي لاءِ موڪل وٺي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *