پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 141 شهرين دم ڏئي ڇڏيو، سنڌ ۾ صورتحال خراب

اسلام آباد (م.ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 141 شهرين دم ڏئي ڇڏيو، سنڌ ۾ صورتحال خراب ٿي وئي آھي،  24 ڪلاڪن دوران 86 فوتگيون رپورٽ ٿيون، پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس ۾ واڌ اچي وئي آھي،  لاهور ۾ مثبت ڪيسن جِي شرح 10 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ 6-6 سڪيڙو ۽ پشاور ۾ 16 سيڪڙو رڪارڊ، چترال ۾ مثبت ڪيسز جِي شرح 15 ۽ مانسهره ۾ 14 سيڪڙو رهي، اين سي اوسي موجب، سڄي ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جِي شرح 7 سيڪڙو رهي، نوشهره ۾ 80 سيڪڙو آڪسيجن بيڊز تي مريض علاج هيٺ، صوابي ۾ 75، سوات ۾ 72 ۽ ايبٽ آباد ۾ 71 سيڪڙو آڪسيجن بيڊز استعمال هيٺ آهن..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *