افغان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس ضروري قدم کڻي: مراد علي شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾ منشيات واپراھيندڙ ماڻھن جي بحاليءَ لاءِ 200 بسترن تي مشتمل اسپتال / بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ پوليس کاتي ک ھدايت ڪئي آھي تھ اھي ڊرگ مافيا، اسمگلرز ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي. اھا ڳالھھ وڏي وزير اربع ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاھھ، آءِ جي پوليس مشتاق مھر، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، اسپيشل ھوم سيڪريٽري، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منھاس، ڊي آءِ جي اوڀر. ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد رياض، ڊي آءِ جي ھيڊڪوارٽرز پير محمد شاھھ، ڊي آءِ جي ويسٽ ڪيپٽن (ر) عاصم، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاھد، ڊي آءِ جي سي آءِ اي نعمان صديقي، وڏي وزير جو ايڊيشنل سيڪريٽري فياض جتوئي شريڪ ھئا. انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مھر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ ڊرگ مافيا خلاف 263 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، انھن مان 51 ڏکڻ زون، 77 اوڀر زون، 53 اولھھ زون، 16 حيدرآباد، 15 ميرپورخاص، 13 شھيد بينظيرآباد، 21 سکر ۽ 17 لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيا ويا آھن. آءِ جي پوليس ٻڌايو تھ 71 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي جن ۾ ڏکڻ ۽ اوڀر زون ۾ ھڪ ھڪ، اولھھ ۾ 3، لاڙڪاڻي ۾ 21، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظيرآباد ۾ 12 ۽ سکر ۾ 9 ۽ 7185 ڪلو گٽڪو ماوو برآمد ڪيو ويو آھي. ھن وڏيڪ ٻڌايو تھ سڄي سنڌ 211 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ سندن قبضي مان 299 ڪلو چرس، 4 ڪلو آئس، 3.432 ڪلو ھيروئن، 2 ڪلو افيون ۽ 7675 شراب جون بوتلون ھٿ ڪيون ويون آھن. ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مھر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ، ڊي آءِ جي سکر فدا مستوئي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪت ڪئي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ منشيات واپراھيندڙ ماڻھن لاءِ ھڪ 200 بسترن تي مشتمل بحالي مرڪز قائم ڪيو وڃي، حڪومت سينٽر قائم ڪندي ۽ ان کي ھلائڻ لاءِ ھڪ سٺي ساک واري خانگي شراڪتدار کي ڏنو ويندو. مراد علي شاھھ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ سمورن ريجنل ڊي آءِ جيز کي ھدايت ڪئي تھ نھ رڳو منشيات وڪرو ڪندڙن کي نشانو بڻايو پر اسمگلرز ۽ وڏن ڊيلرز جي گرفتار عمل ۾ آندي وڃي. ھن چيو تھ سندس صوبي کي ھر قسم جي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس اھا رپورٽ آھي تھ پوليس ٿاڻن حالي روڊ ۽ حسين آباد حيدرآباد، ڪوٽري ضلعي ڄامشورو، گھوٽڪي جي ميرپورماٿيلو، خيرپور جي بي سيڪشن، سکر سٽي ۽ نوشھرو فيروز جو ڪنڊيارو ۾ منشيات جو ڪاروبار ڳجھي ريت جاري آھي. ھن لاڳاپيل آءِ جيز کي سخت ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ھن پوليس خاص طور تي اولھھ ڪراچي، ڪيماڙي. قمبرشھدادڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ پيٽرول جي اسمگلنگ خلاف خاص مھم شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. اقليتن خلاف ڏوھن بابت آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو تھ گذريل 10 ڏينھن دوران 4 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڏکڻ ڪراچي، اوڀر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ھڪ ھڪ شامل آھن. عورتن بابت ڏوھن بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ 38 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، 5 ڏکڻ ڪراچي، 15 اوڀر ڪراچي، 4 اولھھ ڪراچي، 7 لاڙڪاڻي، 5 حيدرآباد، 3 شھيد بينظيرآباد ۽ 2 سکر مان جن مان وڌيڪ ڪيس گھريلو تشدد جا ھئا. اغوا جا 5 ڪيس رپورٽ ٿيا، انھن مان 4 ھني ٽريپ جا ھئا، اغوا ڪندڙن ۾ عورتن جي آواز ۾ ماڻھن کي ڦاسايو ويو. وڏي وزير پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ماڻھن کي اھڙي ريت ڦاسائڻ کان بچڻ لاءِ آگاھي مھم شروع ڪئي وڃي. اسٽريٽ ڪرائ، بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ گذريل ڏھن ڏھاڙن 11 کان 20 آگسٽ دوران ڪار ڦر جا 2 واقعا، 53 ڪار چوري، 104 موٽرسائيڪل ڦر، 1194 موٽرسائيڪل چوري ۽ 576 موبائل ڦر جا ڪيس داخل ٿيا آھن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ سندس اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندو رھي. ھن چيو تھ مون وٽ ڪجھھ اطلاع آھن تھ پوليس اھلڪار سنگين ڏوھن ۾ ملوث ھئڻ سبب برطرف ڪيا ويا آھن ۽ اھي ڪراچي ۾ ڪجھھ پوليس آفيسرن سان گڏجي خانگي طور تي ڪم ڪري رھيا آھن جيڪو ناقل قبول آھي. ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ اغوا ۾ ملوث ٻن پوليس اھلڪارن جن کي گرفتار ڪيو ويو آھي انھن کي ان حوالي سان نشان عبرت بڻايو وڃي. اجلاس جي شروع ۾ وڏي وزير ٻن اھم ايونٽس 14 آگسٽ ۽ عاشورن کي پرامن ريت ٿيڻ تي پوليس جي واکاڻ ڪئي. ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پڻ ساراھھ ڪئي. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ 250.561 ملين رپين جي لاڳت سان بابا، ڀٽ ٻيٽن ۽ مبارڪ وليج ۾ ٽن فلوٽنگ جيٽيون پيسنجر شيڊ تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ ٽن ٻيٽن، ڀٽ، بابا ۽ شمس پير کي شھر سان ڳنڍڻ لاءِ ھڪ پل جي تعمير واري اسڪيم تي ڪم ٿي رھيو آھي. تقريب ۾ علائقي جي مھاڻن جو وڏو انگ شريڪ ھو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزيرن، ناصر شاھھ، باري پتافي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، خاص معاونن، لياقت آسڪاڻي، آصف خان، ايم پي اي قادر مندوخيل. پيپلز پارٽي اڳواڻ ھمايون خان، ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي ڪراچي ۽ ٻيا پڻ ھئا. ڀٽ ٻيٽ ۾ ھڪ آجياڻي کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ مھاڻن سان سندس ويجھو لاڳاپو آھي. ھن چيو تھ سندس ڳوٺ منڇر ڍنڍ ڀرسان آھي جتي ھزارين مھاڻا ٻيڙين ۽ ڍنڍ ڪنارن تي رھندا آھن انڪري مھاڻن بابت سٺي ڄاڻ آھي. ھن چيو تھ منڇر ڍنڍ ۾ فصلن مان نڪرندڙ گدلي پاڻيءَ جو وھڪري فلٽر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھيون. ھن چيو تھ سندس منڇر جي مھاڻن جي بحاليءَ لاءِ اپاءَ ڪيا ويندا. وڏي وزير ڀٽ ٻيٽ، بابا ٻيٽ ۽ مبارڪ وليج ۾ ٽن فلوٽنگ جيٽيون ۽ مسافرن لاءِ شيڊ بڻائڻ جو اعلان ڪيو. ھن چيو تھ اسان 250.561 ملين رپيا مختص ڪيا آھن ۽ اھا اسڪيم لوڪل گورنمينٽ کاتو عمل ۾ آڻيندو. ھن صوبائي وزير سيد ناصر شاھھ ان اسڪيم کي شروع ڪرڻ ۽ ان کي انھيءَ سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس جاڙن ٻيٽن بابا ۽ ڀٽ، شمس پير ۽ صالح آباد لاءِ نيڪاليءَ وارو نظام، پاڻيءَ جي فراھمي، سرن جي روڊن وارين اسڪيمن لاءِ 600 ملين رپين جي منظوري ڏني آھي. مھاڻن جي گھر تي وڏي وزير ڀٽ ٻيٽ ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ جو پڻ پڪو پھھ ڪيو. مھاڻن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ سندن ڳوٺن جي ليز ختم ٿي وئي آھي تنھن ڪري نئين ليز جي گھرج آھي تنھن تي وڏي وزير ڪمشنرکي ھدايت ڪئي تھ جيڪڏھن انھن جي ليز جو مدو ختم ٿيو آھي تھ ان کي بورڊ آف ريونيو ذريعي نئين ليز جاري ڪئي وڃي. مھاڻن وڏي وزير کي ٻڌايو تھ شھيد محترمھ بينظير بٽو ڀٽ ٻيٽ جو دورو ڪيو ھو ۽ ھن ٻيٽ تي راند جو ميدان قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو پر ھُوءَ ايئن نھ ڪري سگھي ڇاڪاڻ تھ جلد ئي سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ان تي مراد علي شاھھ چيو تھ راند جي ميدان جو اعلان ان عظيم اڳواڻ ڪيو ھو ۽ ان جو واعدو ڪنھن بھ قيمت تي پورو ڪيو ويندو. ھن جن اسڪيمن جي تعمير جو اعلان ڪيو، انھن ۾ 6 يونين ڪونسل، ڊي ايم سي ڪيماڙيءَ جون يوسي 41 کان يوسي 46 تائين 99.35 ملين رپين جي لاڳت سان سرن وارن روڊن جي تعمير شامل آھن. 140 ملين رپين جي لاڳت سان ڊي ايم سي ڪيماڙي جي يوسي 40 ۽ يوسي 42 ۾ پاڻيءَ جي فراھمي جي بھتري ۽ سيوريج لائن ۽ پيور بلاڪس کي لڳائڻ، 150 ملين رپين جي لاڳت سان ڀٽ، بابا، شمس پير، يونس آباد، صالح آباد ٻيٽن، يوسي 41 ۾ روڊ، نالن جو ڪم ۽ پيور بلاڪس جي تعمير، 99.3 ملين رپين جي لاڳت سان يوسي 44، 55 ۽ يوسي 45 ۾ پيور آر سي سي سيوريج پائپ لائن وڇائڻ ۽ سي سي فلورنگ ۽ نالن جي صفائي، 99.1 ملين رپين جي لاڳت سان پي آر سي ٽاور گولڊ لائن، ايم اي جناح روڊ، ڊي ايم سي ڪيماڙي ۾ پاڻيءَ جي فراھمي جون لائنون وڇائڻ آھي. وڏي وزير چيو تھ سندس ڊي ايم سي ڪيماڙي جي سمورن ٻيٽن کي مرڪزي روڊن سان ڳنڍڻ لاءِ ھڪ پل بڻائڻ جو منصوبو آھي تھ جيئن ماڻھو گاڏين ذريعي سفر ڪري سگھن. ھن يقين ڏياريو تھ اھا پل رٿابنديءَ واري مرحلي ۾ آھي ۽ انشاءَ اللھ رٿا جلد مڪمل ڪئي ويندي. وڏي وزير مھاڻن کان پڇا ڪئي تھ کين ويڪسين لڳائي وئي آھي؟ انھن مان ڪيترن ئي ناڪاري جواب ڏيندي چيو تھ سڄو ڏينھن ماھيگيري ۾ رڌل رھندا آھن تنھن ڪري اھي ويڪسين ناھن لڳرائي سگھيا. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ کي ھدايت ڪئي تھ ھڪ ٻيڙيءَ ۾ ويڪسين يونٽ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ٻيڙيءَ کي ھڪ ٻيٽ کان ٻي ٻيٽ منتقل ڪيو وڃي ۽ ان پوري آباديءَ کي ويڪسين لڳائي وڃي. انھيءَ کان پھرين ٻيڙيءَ ذريعي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ جڏھن ٻيٽ تي پھتو تھ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر خالد منصور سندس اي ڊي پي ۾ پھرين کان منظور ڪيل ڊي ايم سي ڪيماڙي جي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير مقامي مھاڻن کي گھر مطابق 600 ملين رپين وارين اسڪيمن جو اعلان ڪيو. مراد علي شاھھ آجياڻي ۾ شرڪت کان پوءِ تعمير ٿيندڙ جيٽيءَ جو دورو ڪيو ۽ پي ڊي خالد منصور کي ھدايت ڪئي تھ ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *