سنڌ ۾ مستقبل آباد رهندڙن وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي (اين اين آءِ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته سنڌ جي مسئلن خلاف پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رياض چانڊيي چيو ته اسان پي ٽي آءِ سرڪار جي سنڌ دشمن پاليسين جي مذمت ڪيون ٿا، عدالتن کان مٿانهان قتل انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، خاص طور تي قومپرست ڪارڪنن سميت قومپرست اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري دهشتگرد جو ٺپو هنيو پيو وڃي، مون سميت منهنجي ساٿين کي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جا ذميوار عمراني سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جو وڏو وزير مراد علي شاهه آهي. هن چيو ته سنڌ جي چيف جسٽس سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، ڪنٽرولڊ ميڊيا سسٽم هلايو پيو وڃي ته جيئن ميڊيا ۽ عدليا کي مفلوج بڻائي سگهجي، اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومت جي نظر سنڌ جي قدرتي وسيلن تي آهي، سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو، جيئي سنڌ محاذ سنڌ اندر وڌندڙ غير قانوني منصوبن خلاف آهي، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي سميت ٻين منصوبن خلاف جدوجهد جو حصو آهي ۽ اسان مستقل جدوجهد کي يقيني بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو وڏو بحران ڪيو ويو آهي ۽ زرعي زمين بنجر بڻجي رهي آهي، پنجاب پاڻي لٽي رهيو آهي ۽ حڪمران سياست ڪري رهيا آهن، آصف زرداري سنڌ کي ڀڳڙن مٺ وڪڻي ڇڏيو آهي. رياض چانڊيي چيو ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھڻ ۾ نادرا ملوث آھي، افغانين کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، افغاني بارڊر ڪراس ڪري سنڌ ۾ داخل ٿي رھيا آھن پر انھن کي ڪو به روڪڻ لاءِ تيار ناھي، سنڌ کي يتيم خانو بڻايو ويو آھي، سنڌ سان ويساھه گھاتين خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ عدالتن جو رد کڙڪايو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ اردو ڳالھائيندڙ ڀائر آھن، ايم ڪيو ايم کي تعصب ڇڏڻو پوندو، سنڌ ھنن کي عزت ڏني، ماضي ۾ لينڊ مافيا جو ڪم ايم ڪيو ايم ڪندي ھئي ۽ ھاڻ اھو ساڳيو ڪم پ پ ڪري رھي آھي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام انھن جي ڳالھين ۾ نه آيو. ٻئي طرف  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه ايم ڪيو ايم پاران سنڌ کي ورهائڻ جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ۽ ان کي سنڌ ۾ رهندڙن جي خلاف سازش ڪوٺيندي چيو ته سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه لسانيت تي ٻڌل آهي ۽ سنڌ ۾ مستقل آباد رهندڙن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي جي خلاف سازش ڪري رهيا اهن سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ايم ڪيو ايم جي سنڌ سان دشمني ۽ نفرت واري سوچ کي ظاهر ڪري ٿو اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ۽ سنڌي هاڻي سمجهي چڪا آهن ته لسانيت، نفرت ۽ تعصب جي بنياد تي سياست ڪندڙن جون پاڙونپٽجي چڪيون آهن ۽ هاڻي سنڌ جي عوام سنڌ جي ترقي 7 خوشحالي تي يقين رکي ٿي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ صحفي جا ٻه پاسا آهن پيپلزپارٽي جي سياست جو مقصد ڪرپشن ۽ ايم ڪيوايم جي سياست جو مقصد لسانيت آهي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي غلطيون ڪري سنڌ کي نفرت جي سياست ۾ڌڪي رهيون آهن، سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ قومي مفاد جي خلاف ۽ ملڪ ٽوڙڻ جي برابر آهي ان سان ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو مڪاني اليڪشن ويجهٿو ايندي ئي ايم ڪيو ايم نئين صوبي جو راڳ آلاپي رهي آهي هن چيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ جي حفاظت ڪرڻ چاڻي ٿو ۽ جيڪڏهن سنڌ جي خلاف سازش ڪئي وئي ته ڀرپور دفاع ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *