پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ شروع، دبئي اختياريون پريشاني جي ور چڙهي ويون

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي سان يو اي اي فڪرمند آهي، جڏهن ته ابوظهبي مستقبل لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي ٽي 10 ليل جا حق 5 سالن لاءِ حاصل ڪري ورتا آهن. پاڪستان ۾ پي ايس ايل جون 8 ميچز ٿيڻ ۽ ايندڙ سال سموري ليگ پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري اعلان گڏيل عرب امارتن کي مستقبل بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سڀ کان پهرين ابوظهبي حڪمت عملي طئه ڪرڻ ۾ رڌل آهي، هن ٽي 10 جا حق به 5 سالن لاءِ خريد ڪري ورتا آهن، جنهن جو نالو ابوظهبي ٽي 10 ليگ هوندو، جنهن جا گذريل 2 ايونٽس شارجا ۾ ٿيا هئا. ايونٽ جي چيئرمين شجيع الملڪ جو چوڻ اهي ته شارجا ۾ گنجائش گهٽ هئڻ جي ڪري اسان ٻيون وينيوز ۾ به مقابلا ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئاسين، ابوظهبي جي آڇ اهڙي هئي جو ايونٽ کي اتي محدود ڪري ڇڏيو جيڪو 23 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو.هوڏانهن ابوظهبي ڪرڪيٽ جي وقتي چيف ايگزيڪيوٽو ميٽ بائوچر چيو آهي ته پي ايس ايل جا آخري مقابلا پاڪستان ۾ ٿيڻ مان واضح ٿي ويو ته ايندڙ سال پاڪستان پنهنجي ئي ملڪ ۾ ايونٽ ڪرائيندو، اسان مستقبل کي نظر ۾ر کي ٽي 10 جا حق خريد ڪري ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *