ڀارتي ميڊيا صحيح ڪردار ادا نه پئي ڪري: ننديتا داس

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا جي زهر اوڳاڇيندڙ پراپيگينڊا کي جتي عالمي سطح تي ڪوڙو قرار ڏنو ويو اتي پاڪستان ۾ دوکي تي ٻڌل ڀارتي حملي بابت حقيقتون سامهون اچڻ تي ڀارت ۾ ان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪارا ننديتا داس ڀارتي ميڊيا کي بي جي پي جي پراپيگينڊا مشين قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ننديتا داس سوشل ميڊيا تي ڀارتي ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پلوامه حملي بعد ڀارتي ميڊيا ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي جي پراپيگينڊا مشين آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارتي ميڊيا پنهنجون پيشيوراڻيون خدمتون انجام ڏيڻ بدران ناڪاري پراپيگينڊا سان عوام کي جنگ لاءِ مڇرائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *