ڀارت جنگي جنون ۾ ورتل آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس پي آر، ناڻي واري وزير اسد عمر، تعليم واري وزير شفقت محمود، مملڪتي گهرو وزير شهريار خان آفريدي ۽ گهرو سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي واري صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزير اعظم کي پابدني مڙهيل تنظِمن جي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون تي به بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته وزير اعظم جي بيان تي افغان اختيارين جي تازي دوري تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري افغان امن ڳالهين واري معاملي تي بريفنگ ڏني ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ڀارتي جارحيت کان پوءِ واري صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان ۾ امن سان سڄي خطي جو امن سلهاڙيل آهي، پاڪستان افغانستان ججي امن لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد سان ڪوبه تعلق ناهي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کان اڳ ڪڏهن نه ٿيو. برطانوي رسالي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جنگي جنون ۾ ورتل آهي، ڀارت جي عام چونڊن کان اڳ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڀارتي وزيراعظم مودي هڪ جنوني شخص آهي، هو حملي سان ٻنهي ملڪن کي جنگ طرف ڌڪي ايندو. وزيراعظم چيو ته پلواما واقعو مودي حڪومت جنگي جنون پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، پلواما حملو مودي جي مسلمان مخالف حڪومت ۽ والاريل ڪشمير ۾ سندس سخت پاليسين جو نتيجو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد سان ڪوبه تعلق ناهي، نئين پاڪستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪابه جاءِ ناهي، ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪريڪ  ڊائون جاري آهي، پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، چين سدائين پاڪستان سان سهڪار ڪيو آهي جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون جڏهن ته اهو تاثر غلط آهي ته پاڪستان چين جي ڪلائنٽ رياست بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن دفعي پاڪستان آخري ڀيرو آءِ ايم ايف سان رابطو ڪندو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *