پ پ پاران ڪي پي ڪي ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي آجيان، عمران خان جو اعلان سٺو سوڻ آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خيبرپختون خواهه ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي اعلان جو آڌرڀاءَ ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري عمران خان جي اعلان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته خيبرپختون خوا ۾ مڪاني چونڊن دوران تمام گهڻيون شڪايتون مليون . واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان مخالف ڌر جي مطالبي کانپوءِ صوبي ۾ ٻيهر مڪاني چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن ڄاڻايو ته خيبرپختون خوا جي حڪومت نئين سري سان مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *