پاڪستان ۽ چين اربين ڊالرز جي ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اربين ڊالرز جا ڪئين معاهدن طي ٿي ويا، وزيراعظم نواز شريف ۽ چيني صدر شي چن پنگ وزيراعظم آفيس ۾ 8  منصوبن جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ويڊيو لنڪ ذريعي توانائي جي 5  وڏن منصوبن جو به سنگ بنياد رکيو. سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اربين ڊالرز جي ڪئين منصوبن تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف، چيني صدر شي چن پنگ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪابينا جي وفدن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ چيني صدر شي چن پنگ 8  منصوبن جي نقاب ڪشائي ڪئي انهن 8  منصوبن ۾ لاهور ميٽرو اورينج لائين ريلوي نظام، قائداعظم شمسي توانائي جو منصوبو، لاهور ۾ انڊسٽريل ڪمرشل بئنڪ چائينا جي برانچ کولڻ، ننڍي پن بجلي جي منصوبن لاءِ پاڪ چين گڏيل تحقيقي مرڪز جو افتتاح ۽ پاڪستان ۾ چين جي ثقافتي مرڪز جي قيام جو آغاز به شامل آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ آپٽيڪل فائبر ڪيبل منصوبي جو به آغاز ٿي ويو، ريڊيو پاڪستان ۽ چائينا ريڊيو انٽرنيشنل جي ايف ايم 8 9  دوستي چينل اسٽوڊيو جي افتتاح سميت چيني صدر ۽ وزيراعظم نواز شريف 5  توانائي منصوبن جو به سنگ بنياد رکي ڇڏيو، پاڪستان ۾ ڊجيٽل ٽرميٽر سيل ملٽي ميڊيا براڊ ڪاسٽ منصوبي جو افتتاح به ڪيو ويو، ان کان علاوه ٻنهي اڳواڻن ويڊيو لنڪ ذريعي توانائي جي تمام منصوبن جو سنگ بنياد رکيو. تقريب ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ چيني پرڏيهي وزير گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون، اسٽريٽجڪ تعاون جي شراڪتداري جي گڏيل پڌرنامي تي به صحيحون ٿيون، بنيادي ڍانچي جي ترقي جي وڏي منصوبن لاءِ سهڪار جي فريم ورڪ جو معاهدو به طي ٿي ويو، انهن منصوبن تي منصوبابندي وزير احسن اقبال ۽ چيني اداري اين ڊي آر سي جي چيئرمين صحيحون ڪيون، ان سان گڏ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ٽيڪنيڪي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون، ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ چين جي تجارت وزير هوچنگ صحيحون ڪيون. چين جي صدر شي چن پنگ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي اسان جو گڏيل اثاثو آهي پاڪ چين دوستي وڌائڻ اسان جي گڏيل مستقبل جو ايجنڊا آهي هن اها ڳالهه وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم نوازشريف چيو ته چيني صدر شي چن پنگ ۽ ان جي زال جو پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا چين جو عوام هميشه اسان جو شاندار استقبال ڪيو چين اسان جو بااعتماد ۽ بهترين دوست آهي هن چيو ته اميد آهي ته اوهان جي دوري سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پهريان کان اڃا وڌيڪ مضبوط لاڳاپا ٿيندا وزيراعظم چيو ته هو دوستي جي رشتي کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي چيني صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي اسان جو گڏيل اثاثو آهي پاڪ چين دوستي کي هٿي ڏيڻ اسان جي گڏيل مستقبل جو ايجنڊا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *