پاڪستان توانائي جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي: نوازشريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي توانائي جي سخت بحران سان  منهن ڏيڻوآهي، حڪومت عوام سان لوڊشيڊ نگ جي خاتمي جو واعدو ڪيو آهي، پنهنجي موجوده دور ۾ بجلي جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، سومر ڏينهن چين جي نالي وارين 3 ڪمپنين هوانگ گروپ، آءِ سي بي سي ڪارپوريشن، زونرجي ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيٽوز هتي وزيراعظم نواز شريف کان الڳ الڳ ملاقا ت ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪ چين تعلقات، اقتصاد ي تعا ون، اقتصاد ي راهد اري سميت نون منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم نواز شريف ٽنهي ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽوز کي پاڪستان ۾ سرمايه ڪاري ۽ نئون منصوبو ڪرڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته چين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ حڪومت پاران هر قسم جي تعاون ۽ فلو پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، وزيراعظم چيو ته هن وقت پاڪستان کي توانائي جي سخت ضرورت آهي ۽ موجوده حڪومت عوام کان لوڊ شيڊ نگ جي خاتمي لاءِ واعد و ڪري رکيو آهي ۽ ان واعدي تي قائم رهند ي لوڊشيڊ نگ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ان حوالي سان بجلي منصوبا وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ زور ڏ نو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *