چيني صدر جو دورو ۽ پاڪ-چين لاڳاپا

چين جي صدر زي جن پنگ جو پاڪستاني دؤرو انتهائي اهميت جوڳو آهي. انهيءَ دؤري دوران تاريخي معاهدا ٿيڻا آهن. جنهن وقت چيني صدر نور خان ايئربيس اسلام آباد پهتو ته کيس ايڪيهه توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ سندس استقبال مُلڪ جي اعليٰ قيادت شاندار نموني ڪيو، جنهن ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزير ۽ فوج جي سربراهن کان علاوه ٻيا اعليٰ عملدار شامل هُئا. ڪالهه صدر ممنون حسين جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ چيني صدر زي جن پنگ، وزيراعظم نواز شريف سان تفصيلي ملاقات ڪئي. چيني سربراهه جي دؤري جي حوالي سان وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته چيني صدر جو دورو پاڪستان لاءِ ترقيءَ جي نئين دؤر جي شروعات آهي. وزيراعظم هائوس ۾ چين جي ٽن وڏين ڪمپنين چائنا وانينگ گروپ، انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بينڪ آف چائنا ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي ٽاپ ايگزيڪيوٽو کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت چيني ڪمپنين کي سندن منصوبن جي تڪميل جي لاءِ هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم اُن موقعي تي پاڪ چين اقتصادي راهداري معاهدي سميت ٻين منصوبن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي چيني ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان توانائيءَ جي شديد بحران کي مُنهن ڏئي رهيو آهي ۽ حڪومت پاڪستاني عوام کي پنهنجي دورِ ۾ توانائي کوٽ کان نجات ڏيارڻ جو عزم ڪيو آهي، جڏهن ته توانائي جي سيڪٽر ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن جي بروقت تڪميل تي به زور ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم نواز شريف انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بينڪ آف چائنا جي طرفان پاڪستان ۾ اڪنامڪ زونز جي ممڪنه قيام تي به خوشيءَ جو اظهار ڪيو. چيني وفد جي ليڊر جو چوڻ هو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ بهتر واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ شاندار پليٽ فارم آهي. هُن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جو حصو بڻجڻ تي نهايت خوش آهيون. ٻُڌايو پيو وڃي ته چيني سربراهه جي دوري دوران پاڪ چين اقتصادي راهداري متعلق اربين ڊالر ماليت جي سرمائيڪاري جي معاهدن جو اعلان ٿيندو. پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي سرحد کان وٺي بلوچستان ۾ گوادر جي بندرگاهه تائين رستو ۽ ريل جي رابطن جي تعمير کان علاوه بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن سميت ڪيترائي ترقياتي منصوبا شامل آهن. واضح رهي ته چين جو صدر اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پڻ خطاب ڪندو. چين، پاڪستان جو اُهو واحد دوست مُلڪ آهي، جنهن هر ڏُکي سُکيءَ ۾ ساٿ نڀايو آهي ۽ هن ڀيري جڏهن هيءُ مُلڪ دهشتگردي توڙي توانائيءَ جي بدترين بحران مان گُذري رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ چين پاران سهڪار ڪرڻ نهايت ئي ساراهه جوڳو عمل آهي، جنهن سان نه رُڳو ترقيءَ جون راهون کُلنديون، پر دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ اڪيلي هُجڻ واري احساس ۾ پڻ گهڻي گهٽتائي ايندي؛ جو چين نه رُڳو هن خطي جي هڪ سگهاري قوت بڻجي اُڀريو آهي، پر عالمي منڊي پڻ سندس محتاج بڻجي وئي آهي. ٻيو ته چين اُنهن ملڪن مان ناهي، جيڪي فقط پنهنجي فائدي کي ئي ترجيح ڏيندا آهن، جيئن آمريڪا آهي، جيڪو سدائين اهڙي وقت ۾ دوستيءَ جو هٿ وڌائيندو آهي، جڏهن اُن کي ضرورت پوندي آهي ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ اکيون ڦيريندي دير ناهي ڪندو. اِهوئي ڪجهه اسان سوويت يونين خلاف ڪيل جنگ ۾ ڏٺو ۽ هينئر پڻ افغانستان ۾ انتهاپسندن خلاف ڪيل جنگ ۾ اُن ساڳي روايت کي ورجايو آهي. تنهن ڪري پاڪستان کي پنهنجي توجه اهڙن دوستن طرف ڏيڻ گهرجي، جيڪي سندس ڏُکي سُکيءَ جا ساٿي هُجن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *