پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي شروع ٿيندي

شارجا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سييز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي 30 آڪٽوبر کان شارجا ۾ کيڏي ويندي. گرين شرٽس کي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل آهي. پاڪستاني ٽيم سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي 56 رنسن ۽ ٻي ٽيسٽ ۾ 133 رنسن جي واضح مارجن تان شڪست ڏني هئي. شاندار ڪاميابي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ رانديگر آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ پُرعزم آهن. گرين شرٽس جي تازي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ان کي آخري ٽيسٽ ۾ پڻ فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *