اليسٽر ڪُڪ اوپنر طور 10 هزار ٽيسٽ رنسون ٺاهيندڙ عالمي بيٽسمين بڻجي ويو

ميرپور (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽر اليسٽر ڪُڪ ٽيسٽ اوپنر جي حيثيت سان 10 هزار ٽيسٽ رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. اهڙو ڪارنامو هن بنگلاديش خلاف جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ 14 رنسون ٺاهي انجام ڏنو. اليسٽر ڪُڪ 2006ع ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هيل تائين 242 اننگز ۾ مجموعي طور 10629 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ 29 سينچريون ۽ 51 ففٽون شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *