ڌندڙ دهشتگردي ۽ بني گالا تائين محدود ڪيل عمران خان…!!!: غلام مصطفي جماليٰ

اها ڳالهه بلڪل ثابت ٿي چڪي آهي ته هڪ اهڙي ايجنڊا قائم ٿي آهي جيڪا پاڪستان مان امن جو پکي اڏائڻ ۽ دهشتگردي جي خوف واري فضا قائم ڪرڻ ٿي چاهي.. انهي ڳالهه جو اهو پڻ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪنهن وقت اهو خوف تعليمي ادارن اندر بم ڌماڪا ڪري يا بندوقن جا منهن کولي تاري ڪيو ويندو هو،۽ پوءِ  اهو خوف ملڪ اندر سافٽ ٽارگيٽ جي طور تي ملڪ جي اهم شخصيتن کي ماري يا اغوا ڪري ڪيو پيو ويو.جيڪي انسان پاڪستان اندر مقبول آهن ۽ عوام انهن سان بي انتها محبت ڪندي آهي، ڪراچي اندر جڳ مشهور قوال امجد صابري آهي ،جڏهن ته امجد صابري جي قتل کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جي پٽ اويس شاهه کي اغوا ڪرڻ ،هاڻ وري ڪوئٽا پوليس ٽرينگ سنٽر جي خدڪش حملو ڪري ٻيهر پاڪستان ۾ خوف جي فضا کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،هڪ طرف ملڪ اندر اهڙيون حالتون آهن ته ٻئي پاسي پاڪستاني سياستندان جا هڪ ٻئي جي ڄونڊن ۾ هٿ آهن، جن ۾ خاص ڪري حڪومت ڌر ن ليگ .عمران خان صاحب ۽ ساڻ گڏيل اپوزيشن جماعتون اسلام آباد کي بند ڪرائڻ لاءِ مارچ شروع ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته اسلام آباد جي عوام به حڪومت ۽ عمران خان واري فيصلي مان مطعن نظر نه اچي رهي آهي.انهي ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سهگجي ته احتجاج ڪرڻ ضروري ناهي پر احتجاج ڪري هر انسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي،پر ائين پاڪستان جي گادي واري شهر کي بند ڪرائڻ ڪنهن به قانون ۽ آئين ۾ جائز ناهي بلڪل هڪ غلط عمل آهي،پر عمران خان جيڪڏهن پرامن احتجاج ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هوُ،ڪالهه حڪومت طرفان اسلام آباد کي سيل ڪيو ويو ۽  اسلام آباد لاءِ ايندڙ مارچ کي پڻ روڪيو ويو ۽ ان وقت وقت شيخ رشيد صرف ٽِي کان چار ڪلاڪ غائب به رهيو پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ پاڪستاني تيز ترين ميڊيا کيس ڳولي ورتو،جڏهن ته شيخ رشيد جي رهائش گاهه لال حويلي جي ٻاهران پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان وقت عمران خان جي نظر بند هجڻ جون به خبرون اچي رهيون هيون پر ڳالهه يقعني نه هئي،

ٻئي پاسي عمران خان جي رهائش بني گالا تي به وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ۽ ايف سي جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هوُ،جڏهن ته شيخ رشِيد منظر عام تي اچڻ کان پوءِ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته مان اسلام آباد ۾ اچان پيو جيڪڏهن مونکي گرفتار ڪرڻو اٿو ته اچي گرفتار ڪريو،ٻئي پاسي هاءِ ڪورٽ پاڪستان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي سندن لسٽ پڻ طلب ڪري ورتي هئي، جڏهن ته عمران خان کي اسلام آباد اچڻ کان روڪڻ لاءِ حتمي فيصلو ڪيو ويو هوُ،جنهن طعه ٿيل فيصلي کان پوءِ مجسٽرڊ  علي جاويد عمران خان جي رهائش گاهه بني گالا تي پڻ پهچي چڪو هوُ، ۽ عمران خان تائين اهو پيغام پهچايو هوُ ته هوُ بني گالا ٻاهر ڌرڻي لاءِ نه نڪري جي ڌرڻي لاءِ ٻاهر نڪتو ته کيس روڪيو ويندو ٻئي صورت ۾ کيس گرفتار به ڪري سگهجي ٿو، پر انهي ڳالهه  کي وٺي ڪري حڪومت ڪهڙو فيصلو ڪندي اهو اڃان باقي هوُ.

جڏهن ته حڪومت کي گهرجي  ته هو جلد کان جلد ڪي ڪارائتا اپاءُ وٺي. نه ته اهڙا عمل پاڪستان جي امن کي خراب ڪرڻ جي شازش آهن ٻيو ڪجهه به، هن وقت هر ڪوئي اهو ئي سوچي رهيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين بي آئين ٿي وئي آهي هتي ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي ته ڪنهن وقت دهشتگردي جي ور چڙهي وڃي،اهڙي ماحول اندر حڪومت ڌر ۽ اپوزيشن پارٽِين جي سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجن ڇوته شهر توڙي ٻهڙارين جا روڊ محفوظ ناهن رهيا  انهي روڊن تي دهشتگرد عام ماڻهن جيان گهمي ڦري رهيا آهن ، جيڪي ڪنهن به وقت پنهنجي بزدلاڻي حرڪت ڪندي دير نه ڪندا، پاڪستان اندر دهشتگردي هڪ سواليه نشان آهي، اتي هڪ ٻيو ۽ اهم سوال اهو به آهي ته دشتگردي رڳو پاڪستان ۾ ناهي هن وقت پوري دنيا اندر دهشتگردي عام نظر اچي رهي آهي،جيڪي ملڪ پنهنجي مقصدن خاطر دنيا جي ٻين ملڪن کي پنهنجي دهشتگردي جي آڙ ۾ نقصان پهچائڻ ٿا چاهين. انهن ملڪن به دهشتگردي جا واقعا عام نظر اچي رهيا آهن،هن وقت دنيا جي سپرطاقت سڏائيدڙ ملڪ آمريڪا ۽ برطانيه به انهي دهشتگردي کان بچي ناهن سگهيا،پر فرق صرف ايترو آهي ته هتي دهشتگردي نامعلوم هوندي آهي ته انهن ملڪ اندر دهشتگردن کي پڪڙيو ويندو آهي کين گرفتار ڪري دنيا جي سامهون سزائون ڏنيون وينديون آهن، پر هتي ايف آءِ آر داخل ٿيندي آهي اها به ڪنهن نامعلوم دهشتگرد تي،پر خبر ناهي انهن دهشتگردن کي ڪير ٿو پناهه ڏي انهن جو هٿيار ڪير ٿو ڏي،سندن پٽ ڀرائي ڪير ٿو ڪري. ڪير آهي جيڪو انهن سموري ڏوهن جي وارداتن ۾ ملوث هوندي ته گرفتار ناهي ڪيو ويندو خبر ناهي انهن کي آسمان کائي ويندو آهي يا زمين ڳڙڪائي ويندي آهي،ملڪ اندر هر  هنڌ جڳهه جڳهه تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل هونديون آهن،هر چوڪ تي پوليس يا ريجنرس جو چوڪيون هونديون آهن يا انهن اهڪارن سان ڀريل گاڏيون نظر اينديون آهن، ۽ پوليس ۽ ريجنرس گشت ڪندي نظر ايندي  آهي پوءِ به اهڙا واقعا ٿي گذرندا آهن جيڪي پوري ملڪ جي قوم کي سوڳوار بڻائي ڇڏيندا آهن،اتي ڪيترائي سوال ذهن ۾ اٿن ٿا ته اسانجو قانون ايترو ڪمزو ڇو ٿي ويو آهي،برحال هڪڙِي پاسي پاڪستاني جي معاشراتي صورتحال اهڙِي آهي ته ٻئي پاڪستان جي سياست واري ميدان اندر به ٻڙڌڪ متل آهي.جنهن کي ڏسي ڪري ڪيترائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا جن جو ڪو جواب پاڪستان جي حڪمرانن وٽ موجود ناهي،قصور هڪڙي عمران خان جو ناهي جيڪو روڊن تي پنهنجي انصاف لاءِ نڪتو آهي ٻئي پاسي شايد کيس اها خبر ناهي ته پاڪستان اندر انصاف ملڻ ايترو سولو ناهي،

برحال عمران خان کي بني گالا تائين محدود ڪيو ويو آهي،جڏهن ته مئجسٽريٽ علي جاويد جي خط ملڻ کانپوءِ عمران خان صاحب  بني گالا کان راولپنڊي نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو هوُ،جيڪو شايد خان صاحب ان وقت پنهنجي سوچ مطابق هڪ بهتر فيصلو ڪيو هو،ڇو ته جيڪڏهن خان صاحب ان وقت بني گالا مان ٻاهر نڪري ها ته پاڪستان جي قانون جي فيصلي مطابق کيس گرفتار ٿيڻو پوي ها،عمران خان صاحب پنهنجي پارٽي جو اهو واحد اڳواڻ آهي جيڪو سموري پارٽِي جا فيصلا ڪري رهيو آهي،اهڙي ماحول اندر سندس گرفتاري سندس ڪارڪنن تي خراب اثرات ڇڏي ها انڪري عمران خان صاحب بني گالا مان ٻاهر نه نڪرڻ جو فيصلو ڪيو،پر ڳالهه اتي ختم ناهي حڪومت ڌر ۽ اپوزِيشن جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڪٿي ته ختم ٿيندي،اهو سوال وڏو اهم آهي.؟ ڇا عمران خان کي سياست ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت ڌر جي سياسي پارٽي ن ليگ جي پچر ڇڏڻي پوندي يا ن ليگ قانون جي زور تي عمران خان جي خاموش ڪرائيندي يا عمران جي ڌرڻن کان ڊڄي ڪري  نئي سر اليڪشن ڪرائيندي،پر ٿي جيڪو به اهو الله ڪري پاڪستاني جي عوام لاءِ سلامتي وارو فيصلو هجي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *