پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ اسان جا دشمن آهن: سراج الحق

پشاور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير  سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته خطي جي پائيدار امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪ افغان ۽ دوستاڻا لاڳاپا لازمي آهن، پاڪ افغانستان وٽ دوستي کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن المرڪز اسلامي پشاور ۾ افغان مهاجرين ۽ واپارين جي نمائنده وفد کي خطاب دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي بريالي ميان خيل عبدالحميد جليلي، ملڪ علي خان ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري ڪي پي ڪي عبدالواسط ۽ سينيٽر سراج الحق افغان معاملن بابت صلاحڪار شبير علي خان به ساڻس گڏ هو. سينيٽر سراج الحق افغان واپارين، شاگردن، صحافين ۽ مهاجرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ صوبائي وزير عنايت الله خان، مظفر سيد، عبدالواسي ۽ امان الله نصرت تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون، سراج الحق چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جيڪي طاقتون نفرت پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن اهي ٻنهي ملڪن جون دشمن آهن. هن چيو ته جڏهن به ڪو واقعو ٿيندو آهي ته بارڊر بند ڪيو ويندو آهي اهو مسئلي جو حل ناهي ۽ اها منفي پاليسي آهي ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته سٺي طريقي سان ان قسم جي مسئلي جو حل ڳولين. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت سان به ان حوالي سان ڳالهائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *