ملڪ ۾ امن جي لاءِ هڪ پيج تي آهيون، پ پ جي موقف تي حيرت آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ امن جي لاءِ هڪ پيج تي آهيون. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي فضل الرحمان چيو ته سموريون مذهبي پارٽيون ۽ مدرسا پاڪستان جي قانون، آئين ۽ جمهوريت سان گڏ آهن، فوجي عدالتن جي ضرورت وڌي رهي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته آصف زرداري سان بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو، مذهب ۽ سياست کي مقابلي ۾ آڻڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به تڪراري لفظ کي قانون جو حصو نه بڻائڻ گهرجي جڏهن ته مون کي پيپلز پارٽي جي موقف تي حيرت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *