انٽرپول ايم ڪيو ايم باني جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پاڪستان کان وضاحت طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انٽرپول ايم ڪيو ايم باني جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايف آئي اي  انٽرپول کي ايم ڪيو ايم باني جا ريد وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي جنهن جو انٽرپول جواب ڏنو ته ڪراچي ۾ داخل ڪيل ڪيس سياسي نوعيت جو لڳي رهيو آهي جڏهن ته انٽرپول ايف آئي اي کان ڪجهه سوالن جا جواب به گهري ورتا آهن. ياد رهي ته گذريل سال ايم ڪيو ايم باني خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو هو ۽ انٽرپول هيڊ ڪواٽر فرانس کي ريڊوارنٽ لاءِ درخواست ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *