پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: اعزاز چوڌري

اسلام آباد(بيورو)  آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اعزاز احمد چوڌري پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. آچر ڏينهن نيويارڪ ۾ پاڪ آمريڪا ڪميٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا لچڪدار آهن. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ گهرجي. اعزاز احمد چوڌري چيو ته ڪجهه عنصر پاڪستان بابت متضاد حقيقتون پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسان اهي غلط فهميون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *