نيب ڪي پي بدعنوان آفيسرن خلاف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي

پشاور( ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب ڪي پي ڊپٽي ڪمشنر شانگلا سميت ٻين سرڪاري آفيسرن خلاف بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي رفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب ڪي پي طرفان جاري ڪيل بيان موجب نيب جي ريجنل بورڊ جو اجلاس پشاور ۾ ٿيو جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شانگلائ ڊائريڪٽر پي ڊي اي، پي ايس او ۽ ڪسٽم اختيارين خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب ڊپٽي ڪمشنر شانگلا ۽ ٻين خلاف 12 ڪروڙ 30 لک رپين جي جاچ جي شروعات ٿيندي. ڊپٽِي ڪمشنر تي الزام آهي ته هن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ۽ اشتهارن کانسواءِ ٺيڪا ڏنا، جڏهن ته 2016عي ٻوڏ کانپوءِ هن انفراسٽرڪچر جي بحالي ۾ به مبينا طور خرد برد ڪئي. نيب جي پڌرائي موجب ڊائريڪٽر پي ڊي اي امين الدين خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب ڪي پي جي ريجنل بورڊ جي اجلاس دوران اختيارن جي ناجائز استعمال تي پي اي ساو ۽ ڪسٽم اختيارين خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب جوابدارن افعانستان برآمد ڪيل پيٽروليم شين جي مقامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي جنهن سان قومي ناڻي کي 2 ڪروڙ 30 لک رپين جو نقصان ٿيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *