هڪ بلدياتي ادارو نه هلائي سگهندڙ اناڙي 20 ڪروڙ عوام جي چاٻي پيو گهري، 2018 ۾ لوڊ شيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي: احسن اقبال

ناروال (اين اين آءِ)وفاقي گھرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا جاري آهن ۽ معيشٽ ترقي ڪري رهي اهي عوام جي اعتماد سان پاڪستان جي قسمت بدلائي ڇڏينداسي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ناروال ۾ ڇنڇر جي رات هڪ ميڙاڪ کي خطاب ڪندي ڪيو، احسن  اقبال چيو ته 2013 ۾ اسان پاڪستان بدلجڻ جو نعرو  هنيو هو  هاڻي اسان پاڪستان بدلائي رهيا آهيون توانائي جو خاتمو ڪري اونداهين جو خاتمو ڪيو، ۽ 2018 ۾ لوڊ شيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي، دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ملڪي  معيشت کي مضبوط ڪيو ويو جيڪو اڄ ترقي ڪري رهيو آهي… گھرو وزير چيو ته عمران خان وٽ ترقي جو فارمولو آهي ته سامهون آڻي، هن ڪي  پي ڪي ۾ ڪجھه نه ڪيو، حڪومت چين جي سهڪار سان ڪراچي کان پشاور تائين هڪ نئين ٽرين هلائي ويندي جنهن تي اٺ ارب ڊالر خرچ ٿيندا. هن چيو ته ناروال ۾ يونيورسٽين جو ڄار وڇايو ويو آهي  ريلوي اسٽيشن ۽ هڪ انٽرنيشنل معيار جو اسٽيڊيم تعمير جي آخري مرحلن ۾ آهي جنهن سان  نوجوانن کي صحت مند سرگرميون مهيا ٿي ملنديون، تقريب م زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق   رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائندي عمران خان  تي هڪ دفعو ٻيهر ڇتي تنقيد ڪندي وفاقي گھرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته جنهن اناڙي هڪ بلدياتي ادارو به ناهي هلايو اهو ويهه ڪروڙ عوام جي چاٻي گھري رهيو آهي . عمران خان ملڪ کي هڪ کڏ ۾  ته فٽو ڪري سگھي ٿو پر مٿانهين تي نه ٿو آڻي سگھي، هن چيو ته جنهن اناڙي هڪ بلدياتي ادارو نه هلايو هجي اهو ويهه  ڪروڙ عوام جي چاٻِي گھري رهيو آهي ۽  ايتري ۾ جيڪڏهن خان صاحب ترقي جو ليڪچر ڏيندو ته ان ليڪچر کي ردي جو ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندس،  هن چيو ته عمران  خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ته کيڏي آهي پر  ترقي جي ميدان ۾ ڪلب ڪرڪيٽ ناهي کيڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *