پاڪستان: ڪورونا لهر ۾ تيزي، وڌيڪ 86 فوتگيون, 4500 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر دوران فوتگين ۽ ڪيسن ۾واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 86 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 7.79 سيڪڙو رهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 58 هزار 203 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4537 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 86 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.79 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 23 هزار 295 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 10 لک 24 هزار 861 تائين پهچي ويا آهن. ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1489 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 38 هزار 843 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 23295 آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *