ميسي جو لڙڪن جي لار ۽ تاڙين جي گونج ۾ بارسلونا کي الوداع

بارسلونا(اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا جو اسٽار فٽبالر ليونل ميسي الوداعي تقريب ۾ بارسلونا فٽبال ڪلب کي الوداع چوندي روئي ڏنو. پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن ميسي کي اٿي بيهي داد ڏنو. هن 21 سالن تائين بارسلونا سان گڏ کيڏيو آهي. شريڪ ماڻهو ڪيترن ئي منٽن تائين تاڙيون وڄائيندا رهيا. پريس ڪانفرنس ۾ هن اشارو ڏنو ته قطر جي ملڪيت فرانسيسي فٽبال ڪلب پيرس سينٽ جرمين پي ايس جي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. پي ايس جي ميسي کي 25 ملين پائونڊ ساليانو جي آڇ ڪئي آهي، جلد قطعي ٺاهه ٿيڻ جو امڪان آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *