سنڌ حڪومت جو صوبي ۾ 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ ورتل فيصلن بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو.  ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، مرتضيٰ وهاب ، قاسم سراج سومرو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد توهان کي صوبائي ٽاسڪ فورس جي فيصلن بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي. شروع ڏينهن کان وٺي ٽاسڪ فورس وبا خلاف متحرڪ طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. گذريل سال مڪمل لاڪ ڊائون جو فائدو ٿيو هو، ٽاسڪ فورس جي فيصلن سبب نقصان گهٽ ٿيو، اسان صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو ۽ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ هتي حالت بهتر هئي پر لاهور جي اترين علائقن ۾ نقصان ٿيو هو، لاهور ۾ ڪرفيو جهڙا اُپاءُ ورتا ويا. هن چيو ته ڊيلٽا ويريئنٽ 100 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، ڊيلٽا ويريئنٽ گهڻو خطرناڪ آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهن کي متاثر ڪندو آهي، ٻن ڏينهن اندر اڍائي هزار ڪيس ٿيا آهن، ڪراچي ۾ سماجي وٿيءَ وارو فيصلو ڏکيو آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌيڪ رپورٽ ٿي رهيا آهن جيڪڏهن ان کي نه روڪيو ويو ته ڊيلٽا ويريئنٽ وڌيڪ پکڙجي ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ سٺي ڀاڱي ويڪسينيشن ٿي آهي ۽ ويڪسين لڳائندڙن تي ڊيلٽا ويريئنٽ گهٽ اثرانداز ٿيندو آهي. ڊاڪٽرن موجب ڪورونا ڪيسن جو انگ 10 هزار تائين پهچي ويو آهي ماڻهو ڪورونا ٽيسٽ نٿا ڪرائن. ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو عوام کي ويڪسين ڪرائي وئي آهي جيڪڏهن وائرس جو پکيڙ نه روڪيو ويو ته ايندڙ پنجن ڏينهن اندر اسپتالن ۾ جايون ختم ٿي وينديون. فيصلن ۾ سڀني جي پنهنجي پنهنجي راءِ هئي. ٽاسڪ فورس ۾ شامل سمورن شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته وائرس سبب صورتحال خراب آهي. اسد عمر ۽ فيصل سلطان سان ڳالهايو آهي ۽ انهن کي فيصلن بابت اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ته جيئن لاڪ ڊائون کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي. انشاء الله 9 آگسٽ تي پابنديون ختم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين جيڪڏهن شهري مدد ڪن ٿا ته بهتر نتيجا ايندا.  انشاءَ الله وبا ختم ٿي ويندي پر اُپائن سان وبا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو. ڳوٺاڻن علائقن ۾ وائرس جا ڪيس پڻ وڌي چڪا آهن. اسان سڀني کي چيو آهي ته مدد گهربل آهي، لاڪ ڊائون ۾ اسان جي مدد ڪريو. وبا پکڙجڻ کي روڪڻ جو طريقو اهو آهي ته سماجي وٿيءَ جو خيال رکجي، لاڪ ڊائون ۾ اسپتالن جي گنجائش کي وڌايو ويندو ۽ لاڪ ڊائون ۾ ويڪسينيشن جاري هوندي، ويڪسينيشن لاءِ رڳو ننڍي ٽرانسپورٽ کليل هوندي، ريٽيل جو  ڪاروبار بند هوندو. هن چيو ته اڱاري تي گهرايل سنڌ ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو پيو وڃي ۽ وزير لاڪ ڊائون واري صورتحال جي نگراني ڪندا. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس مڪمل آن لائين سيشن ڪرڻ لاءِ ڳالهايون هلي رهيون آهن. اسان ڪنهن به نقصان جو ازالو نٿا ڪري سگھون، اسان کي ڪجھ قربانيون ڏيڻيون پونديون، ايڪسپورٽ انڊسٽريز کليل رهندي، بينڪن کي لکنداسين ته گهٽ ۾ گهٽ اسٽاف سان بينڪن کي کوليو وڃي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪراچي پورٽ کليل رهندي، گروسري اسٽور، ميڊيڪل اسٽور، پيٽرول پمپ، ڀاڄين جا دڪان، ٺيلا وغيره ۽ تندور کليل هوندا، ريسٽورنٽن ۾ رڳو ڊيليوري جي اجازت هوندي، ايندڙ هفتي امتحان نه ٿيندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان فيصلو ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو آهي، طبي ماهرن چيو ته جيڪڏهن وقت تي فيصلا نه ڪيا ويا ته فرنٽ لائين متاثر ٿيندي. الله کي اسان صحيح رستو ڏيکاريو آهي، اسان ڪريڊٽ نٿا وٺون، اسان پاران ورتل اُپائن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، لاهور ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو جنهن لاءِ ڪنهن آواز نه اٿاري، لاهور ۾ سٺو قدم کنيو ويو. جن وٽ شناختي ڪارڊ نه آهن انهن جي ويڪسين ڪئي پئي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي نقصان پهچائڻ لاءِ امير ملڪن هڪ مهيني لاءِ ملڪ بند ڪيو، مون کي خبر ناهي ته ڪو ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ بک ووگهي فوت ٿيو هجي. سمورن امتحانن کي ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو. ايندڙ 9 ڏينهن لاءِ ويڪسينشن تي ڌيان ڏينداسين. سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن اسيمبلي اجلاس تائين آن لائين ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪوروناوائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۾ ناصر شاهه، ڄام اڪرام ڌاريجو، قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو کان علاوه اپوزيشن جا ايم پي ايز، بلال غفار، ايم ايم اي جو عبدالرشيد، ٽي ايل پي جو قاسم فخري، جي ڊي اي جو حسنين مرزا، واپارين ۾ زبير موتي والا، شوڪت سليمان ايف پي سي سي آءِ اي، ثاقب گڊلڪ آف ڪي سي سي آئي زيڊ شرڪت ڪئي جڏهن ته حڪومتي عملدارن ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، ڊي جي رينجرز، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري ناڻو، سيڪريٽري محنت، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، ڊاڪٽر باري، ڊاڪٽر فيصل، ڊاڪٽر سارا، ڊاڪٽر قيصر سجاد، پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي، ڪور 5 ۽ ٻين ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته هوءَ ڪورونا صورتحال تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿو تنهنڪري اپوزيشن جي ميمبرن ۽ ڪاروباري طبقن سان لاڳاپيلن کي اجلاس ۾ دعوت ڏني وئي آهي. وڏي وزير چيو ته هي هڪ وبا آهي، آئون چاهيان ٿو ته اسان سڀني کي هڪ آواز هجڻ گهرجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صحت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي چيو ته ڪورونا جي تشخيصي شرح سڄي صوبي ۾ 13.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. مجموعي طور تي 45 مريض فوت ٿي چڪا آهن، هن وقت 39958 مريض جن ۾ 1410 اسپتالن ۾ ۽ 102 مريض وينٽيليٽرز تي آهن،  1192 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو تشخيصي شرح، حيدرآباد جو 14.52 سيڪڙو، سکر ۾ 2.9 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ڪرچي ۾ ضلع اوڀر 33 سيڪڙو، ڪورنگي 21 سيڪڙو، سينٽرل 20 سيڪڙو، اولهه 19 سيڪڙو، ڏکڻ ۽ ملير ۾ 17-17 سيڪڙو تشخيصي شرح آهي. گذريل 29 ڏينهن ۾ 469 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 69 سيڪڙو يعني 323 مريض وينٽيليٽرز تي هئا، 20 سيڪڙو يعني 96 مريض جيڪي فوت ٿيا آهن وينٽيليٽرن تي نه هئا ۽ 50 يعني 11 سيڪڙو گهرن ۾ ئي فوت ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ضلعي ۾ 55705 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 511053 صحتياب ٿيا ۽ 753 فوت ٿي چڪا آهن. اجلاس ۾ موجود ڊاڪٽرن چيو ته ڪورونا صورتحال خراب ٿي رهي آهي، سرڪاري اسپتالن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، عيد کانپوءِ ڪورونا ۾ وڌاءُ سبب تيزي آئي آهي. انڊين ويريئنٽ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ڪالهه عالم سڳورن سان ملاقات ڪري چڪو آهيان جنهن ۾ سندن وائرس جي صورتحال بابت ڄاڻ پڻ ڏني وئي .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *