پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ ڪوليفاءِ ڪري ورتو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ ڪوليفاءِ ڪري ورتو آهي ان کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملڪي ٽيم پاران امڪاني زمبابوين دورو رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ هو ته پي سي بيءَ طرفان دورو رد ڪرڻ جي لاءِ زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ پڻ رضامندي ظاهر ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مناسب وقت تي زمبابوي جو دورو ڪندي. ياد رهي ته ڪرڪيٽ ٽيم کي هلندڙ سال آگسٽ ۾ زمبابوي جو دورو ڪرڻو هو. جڏهن ته ان کان پوءِ گڏيل عرب امارتن ۾ هلندڙ سال پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي هوم سيريز انگلينڊ سان کيڏندو، ڪالهه تصديق سان گڏ مڪمل شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ٻنهي ٽيمن ۾ رٿيل سيريز ۾ 3-ٽيسٽ ميچون 4 ون ڊي ۽ 3 ٽي-ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون. سيريز جي شروعات ٽيسٽ ميچن سان ٿيندي، پهرين ٽيسٽ ميچ 13 آڪٽوبر تي ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ون ڊي ميچن جي سيريز 11 نومبر کان ۽ ٽي-ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 26 نومبر کان کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز دوران چار پريڪٽس ميچون پڻ کيڏيون وينديون. واضح رهي ته پاڪستان ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ 2009 ۾ سري لنڪن ٽيم تي حملي کان پوءِ بند آهي، جنهن ڪري پاڪستان ٽيم هوم سيريز گذريل ڪيترن سالن کان گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏڻ تي مجبور آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *