فاسٽ بالر وهاب رياض انجريءَ سبب سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان به ٻاهر ٿي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر وهاب رياض انجريءَ سبب سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان به ٻاهر ٿي ويو آهي، وهاب رياض سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ هٿ زخمي ڪرائي ويٺو هو، جنهن جي ڪري هو سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز کان به ٻاهر ٿي ويو هو، پر ٽي ٽوئنٽي سيريز جي جٿي ۾ کيس شامل جون اميدون ظاهر ڪيون پي ويون، پر هاڻي انجريءَ کان ڇوٽڪارو نه ملڻ ڪري وهاب رياض ٽي ٽوئنٽي سيريز کان به ٻاهر ٿي ويو آهي. وهاب رياض جي جاءِ تي نوجوان فاسٽ بالر ضياءُ الحق کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *