گهوٽڪي ۽ سکر جا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ، ڏوڪري ۾ وارننگ جاري

 

ٻوڏ سبب  ملڪ ۾ درجنين ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق، سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪچي جا وڌيڪ علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، گڊو بيراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر وڏي ٻوڏ جو امڪان آهي، گڊو وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار ۽ سکر بئراج وٽ ننڊي ٻوڏ برقرار سنڌو درياءِ جي پاڻي جي وهڪرن ۾ تيزي سان واڌ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ گڊو وٽ اوچي درجي جي ٻوڏ ٿيڻ جو امڪان جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج تي وچولي درجي ٻوڏ ٿي ويندي گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ  57 هزار 307 ڪيوسڪس ، سکر بئراج وٽ 19 هزار 433 ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 22 هزار 816 ڪيوسڪس پاڻي جي واڌ ٿي آهي ، جڏهن ته سنڌو ۾ چاڙه سبب ڪچي جو 70 سيڪڙو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي الف ڪچي جي  ڳوٺڻ ۾ ڪوڙو، اقبال ڀارو، خان ۾محمد ڀارو.، عظيم ماڇي، مير محمد مهر، علي مراد ڀارو، ولي محمد مهر،ڪريم ڏنو ڌاريجو سميت ڪيترن ئي ڳوٺ ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙين ذريعي گهرن مان سامان ڪڍي ڪچي جي طرف منتقل ٿياگڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 4 لک 24 هزار 298 ڪيوسڪس هيٺانهون وهڪرو 4 لک 608 ڪيوسڪس، سکر وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 6 هزار 41 ڪيوسڪس هيٺانهون وهڪرو 2 لک 56 هزار 666 ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي وٽ مٿانهون وهڪرو 1 لک 16 هزار 250 ڪيوسڪس ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 3 هزار 45 ڪيوسڪس ريڪارڊ  ڪيو ويو آهي.سنڌو درياءَ مسلسل ۾ چاڙهه سبب ضلعي گهوٽڪي جي ڪچي جي هزارين ايڪڙ زمين پاڻي اچي ويئي آهي جنهن سبب ڪچي جون 9 يونين ڪائونسلن جا 310 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، درياءَ ۾ ٻوڏ اچڻ سبب ڏيڍ لک کان مٿي ماڻهو امدادي ڪاروايون نه هجڻ سبب ڳوٺاڻا بي يارو مدد گار بڻيل آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙن ۽ ڪڙهان جي مدد سان محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، ڪچي جي هزارين ايڪڙن تي مشتمل فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، متاثر پنهنجا قيمتي سامان پاڻي ۾ اڇلائي پنهنجي جان بچائي پڪي واري علائقن ۾ لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن، 150 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو پڪي وارن علائقن سان ڪٽجي ويو آهي، ضلعي انتظاميه طرفان امدادي ڪاروايون شروع نه ڪرڻ سبب سوين چوپايو مال پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، ڪچي جي علائقي قادرپور بچاءُ بند، شينڪ بند، قادرپور لوپ بند حساس قرار ڏيڻ بعد امدادي ڪارواين جو جائزو وٺڻ لاءِ جي او سي پنوعاقل ڪينٽ ميجر جنرل محمد عارف وڙائچ، صوبائي صلاحڪار بحالي ۽ چيئرمين پي.ڊي.ايم.اي علي حسن هنڱورجو ڪمشنر سکر عباس بلوچ،  آبپاشي سيڪريٽر سيد ظهير حسين شاهه، ايم ڊي سيڊا بابر حسين آفندي، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي حساس قرار ڏنل علائقن جا دورو ڪري امدادي ڪارواين جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد طاهر وٽو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميه پاران ڪيل انتظامن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي جون 9 يونين ڪائونسلون ڪچي جي علائقن ۾ اچن ٿيون جن ۾ 310 کان وڌيڪ ڳوٺ شامل آهن ۽ ڪچو 2 لک 10 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي، هن چيو ته ڪچي جي آبادي هڪ لک 25 هزار تائين آهي، هن ٻڌايو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ 42 ٻيڙيون موجود آهن جن ذريعي ڪچي جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي ان کان علاوه 29 ڊيوارٽنگ پمپ به موجود آهن جن ذريعي شهرن مان هنگامي بنيادن تي چوماسي جي برساتن جو پاڻي نيڪال ڪري سگهجي ٿو ان سان گڏوگڏ 48 لائيف جيڪٽون به آهن جيڪي ضرورت پوڻ تي ڪتب آڻي سگهجن ٿيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته متاثرن جي رجسٽريشن ڪرڻ لاءِ حفاظتي بندن تي رجسٽريشن ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ته جيئن حقيقي متاثرن کي رجسٽر ڪري کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن جڏهن ته 167 خاندانن کي راشن به فراهم ڪيو ويو آهي ۽ 30 خاندانن کي ڪچي مان منتقل ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه هن وقت حفاظتي بندن تي ميڊيڪل ڪئمپون ۽ وٽنري ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته موبائل ميڊيڪل ڪيمپ به ڪم ڪري رهي آهي، هوڏانهن جي.او.سي 16 ڊويزن پنوعاقل ڪينٽ ميجر جنرل محمد عارف وڙائچ ان موقعي تي ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي سخت هدايتون جاري ڪيون ته ترت ڪچي جي علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪري خيما وسندي  ۾ آندو وڃي ۽ کين کاڌي پيتي سميت هر سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون، ان موقعي تي هن چيو ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج پرعزم آهي ضلعي انتطاميه کي جڏهن به ضرورت پوندي ته کين پاڪ فوج جا جوان فراهم ڪيا ويندا.سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ بعد ڏوڪري جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي جڏهن ته موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ چاڙهه اچي ويو آهي ان ڏس ۾ ڪچي جي ماڻهن کي پڪي وارن علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ انتظاميا پاران وارننگ ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ ڪچي جي ماڻهن پڪي جي علائقن ڏانهن اچڻ به شروع ڪري ڏنوآهي مليل ڄاڻ موجب ڏوڪري جي ڪچي وارن ڳوٺن ابراهيم ممڻاني، ڪلهوڙا ڳوٺ،چڪرو، حسن واهڻ ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن پاڻي وڌڻ لڳو آهي جڏهن ته موهن جو دڙو ڀرسان درياهه کي تمام گهڻو چاڙهه آهي ۽ درياهه جو پاڻي بچاءُ بندن جي ويجهو پهچي چڪو آهي جنهن ڪري علائقي واسين ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي انتظاميا پاران ڪچي جي ماڻهن کي پڪي تي اچڻ لاءِ پڙها ته ڏياريا آهن ۽ وراننگ به ڏني آهي پر ڪچي جي ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽينٽ سٽي ۽ ٻيا انتظام نه ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري سيد يار علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ جي خطري سبب الرٽ آهيون ۽ ملازمن جون به بندن ۽ ٻين هنڌن تي ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن، هوڏانهن اين ڊي ايم اي چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب درجنين ماڻهو فوت ۽ ساڍا 3 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، چترال ۾ 3، پنجاب ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيا ٻوڏ جي اڳ ڪٿي ڪندڙ ادارا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 5 ڏينهن تائين تيز برساتن جو امڪان ڏيکاريو آهي. سنڌو درياءِ ۾ ڪالا باغ ۽ چشمه وٽ وچولي درجي جڏهن ته تربيلا، گڊو ۽ سکر وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي.  فيڊرل فلڊ ڪميشن مطابق ڪابل درياءَ ۾ نوشهر وٽ وچولي درجي جڏهن ته ڪابل وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي، اهڙي طرح سوات درياءِ ۾ چارسده وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي جڏهن ته جهلم، چناب، غازي ۽ ستلج معمول مطابق وهي رهيا آهن. تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي جي اوچائي ترتيب وار 1527 فوٽ ۽ 1234 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي .  سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي، لاڙ ۽ ٿر سميت ٻين علائقن ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڪڻ ڪڻ کانپوءِ تيز هوائن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مينهن وسندو رهيو، نتيجي ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *