پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ سان محبت ٿي وئي آهي: مڪي آرٿر

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته هن کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ سان محبت ٿي وئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته آسٽريليا کان پوءِ پاڪستاني ٽيم سان ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو آهي ۽ مون کي ٽيم جي بهتري لاءِ هر ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. هن چيو ته ابوظهبي ٽيسٽ م ناڪامي مايوس ڪندڙ هئي پر اسان ٽيسٽ ٽيم ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته مصباح الحق ۽ يونس خان جي وڃڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه وڃائڻو پئجي رهيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *