پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو پلان آهي: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي ايندڙ سال ٿيندڙ ٽئين پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ڪراچي ۾ منعقد ڪرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ صحافي طرفان نجم سيٺي کان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪراچي ۾ پي ايس ايل جو فائنل منعقد ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته ڇا فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو؟ جنهن تي نجم سيٺي جوابي ٽوئيٽ ڪيو ”درست“ نجم سيٺي جو اهو جواب ڪنهن حد تائين صحيح آهي جڏهن ته ذريعن مطابق پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *