فلم ”وينٽيلٽر“ تي ۵ ايوارڊ ملڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي: پريانڪا چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا پروڊيوسر طور تي پنهنجي پهرين مراٺي فلم ”وينٽيلٽر“ جا ۵ ايوارڊ کڻڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته کيس مراٺي فلم فيئر ايوارڊز ۾ پروڊيوسر طور تي پهرين مراٺي فلم ”وينٽيليٽر“ جا ۵ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ تي گهڻي خوشي آهي ۽ اهو وقت منهنجي ۽ فلم لاءِ فخر جوڳو آهي. هن ۱۱ جيٽ مابوسڪر کي بهترين ۽ ريجنل اسٽوري، بهترين اسڪرين پلي ۽ بهرين ڊيبوٽ ڊائريڪٽر، اميٽر بگٿ کي بهترين ايڊيٽنگ ۽ بهترين سائونڊ ڊيزائننگ تي نجي موريا ۽ ايلين ريگو کي ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *