پاڪستان کي ڪرپشن ۽ بدعنواني تباهه ڪيو، انهن براين کي ختم ڪرڻ بنا ملڪ ترقي نٿي ڪري سگهجي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت جي گذريل اڍائي سالن جي عرصي ۾ قومي معيشت بهتر ٿي آهي جنهن جي عالمي مالياتي اداري به تصديق ڪئي آهي مٽا سٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ترقي جو  عمل تيزي سان جاري آهي صدر ممنون حسين اها ڳالهه تحقيقات اسلامي ادارو، اسلامي يوينورسٽي اسلام آباد جي اهتمام هيٺ اسلامي بئنڪاري ۽ فنانس جي عنوان تي خطاب ڪندي ڪئي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان کي ڪرپشن ۽ بدعنواني تباهه ڪيو انهن براين کي ختم ڪرڻ بنا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي ان ڏس ۾ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي هن چيو ته ماضي ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي ڪائي سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي ويئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو ويو جڏهن ته رينٽل پاور جهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا جن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني وڏي پئماني تي ڪئي ويئي پي آءِ اي جهڙي قومي ادارن ۾ وڏي پئماني تي اضافي ڀرتيون ڪري ان کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو صدر چيو ته ماضي ۾ تعليم ڏانهن ڀرپور ڌيان ڏنو ويو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قوم کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ملڪ ترقي ڪري جيئن اسان موجوده دور جي تقاضائن سان جهڙي سگهون صدر چيو ته جن قومن ماضي ۾ اسان کان ترقياتي منصوبا وٺي پنهنجي ترقي جي شروعات ڪئي اهي اسان کان اڳتي نڪري ويون آهن هن چيو ته موجوده دور ۾ معيشت کي سياست تي اهميت حاصل آهي جڏهن ته ٻه ڏهاڪا اڳ سياست کي معيشت تي برتري حاصل هوندي هئي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته معيشت جي اهميت ڪيتري قدر وڌي ويئي آهي. هن چيو ته اسان جا تعليمي ادارا فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن صدر چيو ته حڪومت قائداعظم جي ان فرمان تي يقين رکي ٿي ته دنيا ۾ رائج اقتصادي نظام اسان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن نه آهي عوام جي ترقي انهيءَ صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن اسان اسلامي تعليم ۽ سماجي انصاف کي عام ڪري پنهنجي قسمت پاڻ ٺاهيون ۽ دنيا آڏو هڪ منصفاڻو معاشي نظام مربوط شڪل ۾ پيش ڪيون مون کي اميد آهي ته مستقبل ۾ پيش ايندر مسئلن جو حل پيش ڪري نه صرف اسان ڪامياب ٿينداسين پر اسلامي مالياتي نظام جي ڪاميابي جو رستو به گهڙي سگهنداسين سيمينار کي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي، ڊائريڪٽر بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف احمد الدرويش، صدر بين الاقوامي اسلامي يوينورسٽي، ڊاڪٽر سعيد احمد، ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ مولانا مفتي محمد رفيع عثماني پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *